هيلٿ انشورنس پروگرام تحت مريضن جي چونڊ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊيٽا وسيلي ڪئي پئي وڃي: پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر درشن

هيلٿ انشورنس پروگرام تحت مريضن جي چونڊ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊيٽا وسيلي ڪئي پئي وڃي: پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر درشن

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15 اگست2016ء) قومي صحت جي پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر درشن ٻڌايو آهي ته هيلٿ انشورنس پروگرام تحت مريضن جي چونڊ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊيٽا وسيلي ڪئي پئي وڃي، صوبائي حڪومتن جي نشاندهي تي ضلعن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، شرعاتي طور تي هر صوبي مان 4 ضلعن ۾ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقيف دوران ساجده بيگم جي سوال جي جواب ۾ قومي صحت واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر درشن ٻڌايو ته هيلٿ انشورنس تحت هر صوبي ۾ چار ضلعا، هر ريجن جا ٻه ۽ اسلام آباد شامل آهن جتي سهولت ڏني پئي وڃي. ان ۾ صوبن جو حصو به آهي. هن ٻڌايو ته باجوڙ ۾ انگ اکر گڏ ڪيا پيا وڃن، اتي به جلد اهو لاڳو ٿي ويندو. صحت پروگرام جي لاءِ ڊيٽا اسان بينظري انڪم سپورٽ پروگرام کان ورتي آهي، ان جي لاءِ ضلعن جي چونڊ صوبن پاران ڊيٽا فراهم ڪرڻ تي هوندي آهي.