وزيراعظم کي سمري موڪلي وئي آهي ته گهڻ ماڙ سرڪاري يونٽ تعمير ڪياوڃن: قومي اسيمبلي کي آگاهي

وزيراعظم کي سمري موڪلي وئي آهي ته گهڻ ماڙ سرڪاري يونٽ تعمير ڪياوڃن: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15 اگست2016ء) هائوسنگ ۽ اڏاوتن واري وزارت پاران قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم کي سمري موڪلي وئي آهي ته گهڻ ماڙ سرڪاري يونٽ تعمير ڪيا وڃن جنهن جي منظوري کان فوري پوءِ ان تي ڪم شروع ڪيو ويندو، گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ پنهنجو گهر پروگرام رجسٽرڊ ٿي ويو آهي، پنجاب ۾ ٻه ۽ ڪي پي ڪي ۾ چارسده ۾ جاءِ مخصوص ٿي چڪي آهي، ناڻي واري وزارت کان فنڊ ملڻ تي ان تي ڪم شروع ڪيو ويندو. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران بيلم حسنين جي سوال جي جواب ۾ گهرن ۽ اڏاوتن واري وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري ساجد مهدي نسيم ٻڌايو ته گذريل سال 58.6 ملين امداد ملي آهي، اسان وٽ 57 هزار 947 رهائشي يونٽ آهن جيڪا رقم هائوسنگ يونٽن جي لاءِ مخصوص هئي اها مڪمل طور تي لڳي آهي. 1995ع کانپوءِ نئين رهائشگاهن جي تعمير تي پابندي آهي، اسان ٺوس سمري ٺاهي وزيراعظم ڏانهن موڪلي آهي، اسان تجويزڏني ته پراڻن گهرن کي فليٽن ۾ تبديل ڪيو وڃي، ان سمري جي منظوري کان فوري پوءِ ان تي عملدرآمد ڪيو ويندو. ڊاڪٽر عارف علوي جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته گهٽ آمدني وارن جي لاءِ پنهنجو گهر رجسٽرڊ ٿي وئي آهي، جاءِ جو مسئلو آهي، پنجاب مان ٻه ۽ ڪي پي ڪي مان هڪ جاءِ مخصوص ٿي آهي، ناڻي واري وزارت کان رقم ملڻ تي ان ڪم شروع ڪنداسين. ان جي ڪري ئي ان ۾ دير آهي. عائشه سيد جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري ٻڌايو ته قانون واري وزارت ۽ ٻيون وزارتون گڏجي قانون ٺاهي رهيون آهن، غلط ڪم ڪندڙن کي سزا ملي سگهندي، ان سان بهتري ايندي.