پلانٽ بريڊر ايڪٽ اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ٿي چڪو آهي: پارلياماني سيڪريٽري رجب علي خان بلوچ

پلانٽ بريڊر ايڪٽ اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ٿي چڪو آهي: پارلياماني سيڪريٽري رجب علي خان بلوچ

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15 اگست2016ء) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري پارلياماني سيڪريٽري رجب علي خان بلوچ چيو آهي ته پلانٽ بريڊر ايڪٽ اسٽينڊنگڪميٽي مان منظور ٿي چڪو آهي، ان کي جلد پارليامينٽ ۾ آندو ويندو، آبادگار پئڪيج تحت آبادگارن کي رليف هر صوبي ۾ ملڻ گهرجي تنهن هوندي به ان جي لاءِ جيتري رقم وفاق فراهم ڪندو ايتري ئي صوبن کي به ڏيڻي آهي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران بيلم حسنين جي سوال جي جواب ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري پارلياماني سيڪريٽري رجب علي خان بلوچ ٻڌايو ته سيڊ ترميمي ايڪٽ 2015ع لاڳو ٿي چڪو آهي، پلانٽ بريڊر رائيٽس ايڪٽ اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ٿي چڪو آهي، اڃا تائين سيڊ جي مقامي پيداوار ۾ ڪا چڱي چوکي ڪاميابي ناهي ملي، 5 سالن ۾ سيڊ جي نئين ورائٽي متعارف ڪرائي وئي آهي. اڳوڻي وزيراعظم مير ظفرالله جمالي جي سوال تي اسپيڪر هدايت ڪئي ته هن سنجيده الزام هنيو آهي ان تي تفصيل آڻي آگاهه ڪيو وڃي. ان جي جواب ۾ رجب علي خان ٻڌايو ته پاسڪو اسان جي دور ۾ چانورن جي خريداري نه ڪئي، گذريل دور ۾ پاسڪو ذريعي چانور خريد ڪيا ويا، ان ۾ تمام گهڻيون بي ضابطگيون ٿيون آهن، جيڪڏهن ڪٿي آبادگارن کي پئسا ناهن مليا ته آگاهه ڪن. هن چيو ته اسان ڪڻڪ پاسڪو ذريعي خريد ڪئي آهي، جيڪڏهن آبادگارن پاران ان جي ادائيگي ناهي ٿي ته هو ٻڌائي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم جي آبادگار پئڪيج تحت 50 سيڪڙووفاق ۽ 50 سيڪڙو صوبن کي ڏيڻو هو، جنهن صوبي پنهنجو حصو ڏنو آهي ان تي فوري طور تي وفاق پئسا ڏئي ڇڏيا، پنجاب ۾ اهو ڪم ٿيو آهي، سنڌ ۽ ٻين صوبن ۾ فوري طور تي پئڪيج تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي.