آمريڪا پاران ڪوئيٽا ۽ پاراچنار ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت

آمريڪا پاران ڪوئيٽا ۽ پاراچنار ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 24جون2017ء) آمريڪا ڪوئيٽا ۽ پاراچنار ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ معصوم شهري ۽ پوليس اهلڪار مارجي ويا آهن. آمريڪي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي ملندڙ پيغام ۾ هن چيو ته اسان دهشتگردي کان متاثر ٿيندڙن ۽ انهن جي گهرڀاتين سان همدردي رکون ٿا. هن چيو ته اسان پاڪستان جي حڪومت ۽ پنهنجي حصيدارن سان گڏجي دنيا مان دهشتگردي جي خاتمي جون ڪوششون جاري رکنداسين. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا پاڪستان جي عوام سان گڏ آهي۔