گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران پاراچنار ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران پاراچنار ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 24جون2017ء) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوئٽريش پاراچنار ۾ دهشتگردي جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي. انٽونيو گوئٽريش جي ترجمان پاران جاري ٿيندڙ بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي شهر ڪوئيٽا ۽ پاراچنار ۾ بم ڌماڪن جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ انهن واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سيڪريٽري جنرل ٻنهي ڪاررواين ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان گهري افسوس ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا پڻ ڪئي آهي. هن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهي جو پڻ اظهار ڪيو.