حج ايڊوائيزري ڪميٽي حج انتظامن جو جائزو ورتو

حج ايڊوائيزري ڪميٽي حج انتظامن جو جائزو ورتو

مڪه مڪرمه (پاکستان نیوزپوائنٹ 23جون2017ء) پارليامينٽ جي حج ايڊوائيزري ڪميٽي حجاز مقدس ۾ حج 2017ع جي انتظامن جو جائزو ورتو. مذهبي معاملن واري وزارت موجب حج ايڊوائيزري ڪميٽي جي اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف، قومي اسيمبلي ميمبر حافظ عبدالڪريم، پيرزاده عمران احمد شاهه سميت مذهبي معاملن واري وزارت ۽ پاڪستان طرفان سعودي عرب ۾ مقرر سفارتڪارن شرڪت ڪئي. حج ايڊوائيزري ڪميٽي کي حج انتظامن جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ڊائريڪٽر جنرل حج ساجد يوسفاڻي ٻڌايو ته حاجي سڳورن جي خدمت اسان جي اولين ترجيح آهي، ماضي جي مقابلي ۾ حج انتظامن کي بهتر بڻايو ويو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هلندڙ سال سرڪاري اسڪيم تحت 3 لک 38 هزار کان وڌيڪ درخواستن جي وصولي عوام طرفان حج انتظامن تي اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته 14 ڏينهن جي ٿوري مدي ۾ 96 ارب روپيا بئنڪن ۾ جمع ٿيا، هن ٻڌايو ته هن سال پهريون ڀيرو ايڪسپريس ڪليئرنس متعارف ڪرائي پئي وڃي جنهن سبب حجاز مقدس پهچندڙ حاجين جي سفري مشڪلاتن ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي ايندي. هن ٻڌايو ته کاڌي جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ مشاعر جي ڏينهن ۾ به کاڌو فراهم ڪيو ويندو. هيستائين 88 هزار حاجين جون رهائشون حاصل ڪيون ويون آهن، باقي عمارتون عيد کانپوءِ وصول ڪيون وينديون۔