سينيٽ جي گهٽ ترقي يافته علائقن بابت خصوصي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

سينيٽ جي گهٽ ترقي يافته علائقن بابت خصوصي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 22جون2017ء) سينيٽ جي گهٽ ترقي يافته علائقن بابت جوڙيل خصوصي ڪميٽي جو اجلاس (اڄ) جمعي ڏينهن ساڍي 10 وڳي پارليامينٽ هائوس جي ڪميٽي روم ۾ ٿيندو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر عثمان خان ڪاڪڙ ڪندو. اجلاس ۾ چئني صوبن ۽ فاٽا جي گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ جاري منصوبن تي ڪميٽي کي بريفنگ ڏني ويندي جڏهن ته اين سي ايڇ سي ڊي طرفان گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ اسڪالرشپ جي حوالي سان ۽ اين سي ايڇ ڊي طرفان گهٽ ترقي يافت علائقن جي لاءِ بجيٽ 18 -2017ع ۾ مختلف منصوبن جي لاءِ فنڊن جي ڊيمانڊ تي غور ڪيو ويندو.