قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي سربراهي ۾ چار رڪني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي سربراهي ۾ چار رڪني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 22جون2017ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي سربراهي ۾ چار رڪني پارلياماني وفد ڪوريا ۾ منعقد ٿيندڙ يورو ايشين ملڪن جي اسپيڪرز جي ٻي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. چار رڪني وفد 25 جون تي سيئول روانو ٿيندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب يورو ايشين ملڪن جي اسپيڪرز جي ٻي ميٽنگ 26 کان 28 جون تائين سيئول ۾ منعقد ٿيندي. وفد ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق کانسواءِ قومي اسيمبلي ميمبرن عبدالغفار ڊوگر، قيصر احمد شيخ ۽ چوڌري عابد رضا شامل هوندا. وفد ڏکڻ ڪوريا ۾ پنهنجي قيام دوران ايشيا ۽ يورپي ملڪن مان آيل پنهنجي هم منصبن سان به ملاقاتون ڪندو جنهن ۾ پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي پارليامينٽس جي وچ ۾ رابطي کي فروغ ڏيڻ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.