قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پاران اعجاز حسين جکراڻي جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پاران اعجاز حسين جکراڻي جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 22جون2017ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر ۽ چيف وهپ اعجاز حسين جکراڻي جي وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه خميس ڏينهن پنهنجي ڌار ڌار تعزيتي پيغامن ۾ هنن مرحوم جي ايصال ثواب ۽ بلند درجن لاءِ دعا ڪئي ۽ سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.