هڪ خطو هڪ رستو جي تصور دنيا ۾ ڏور رس تبديلين جي بنياد رکي ڇڏيو آهي: صدر ممنون حسين

هڪ خطو هڪ رستو جي تصور دنيا ۾ ڏور رس تبديلين جي بنياد رکي ڇڏيو آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 21جون2017ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ”هڪ خطو هڪ رستو“ جي تصور دنيا ۾ ڏور رس تبديلين جي بنياد رکي ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ خطي ۾ نئين اسٽريٽجڪ ڊاڪٽرائن ضروري ٿي ويندي. اميد آهي ته ان سلسلي ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي دفاعي ٿنڪ ٽينڪ جي حيثيت سان اهم ڪردار ادا ڪندي. صدر اها ڳالهه اربع ڏينهن نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي 16 هين ڪانووڪيشن ۽ وار ڪورس جون سندون ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وار ڪورس ۾ هٿياربند فوج ۽ سرڪاري ادارن جي سينئر آفيسرن کانسواءِ 23 دوست ملڪن جي 42 سينئر آفيسرن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي صدر ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر به خطاب ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم جو نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر جنجوعه به موجود هو. صدر چيو ته ايڪهين صدي حيران ڪندڙ ايجادن ۽ اسٽريٽجڪ تبديلين سبب منفرد حيثيت رکي ٿي، پاڪ چين اقتصادي راهداري ۽ ” هڪ پٽي ۽ هڪ رستو“ جي تصور هن دنيا ۾ ڏور رس تبديلين جو بنياد رکي ڇڏيو آهي جنهن جو دفاعي معاملن سان به انتهائي گهرو لاڳاپو آهي، هن چيو ته انهن منصوبن تي جيئن جيئن اڳڀرائي ٿيندي ويندي خطي جي واڌ ويجهه جي حقيقتن ۾ به تبديليون ٿينديون وينديون. اهڙي طرح هڪ نئين اسٽريٽجڪ ڊاڪٽرائن اڻٽر ٿي ويندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته نيشنل ڊفينس يونيورسٽي مستقبل جي ان چئلينج مان سرخرو ٿيندي. هن چيو ته گذريل ٽن ڏهاڪن دوران جنم وٺندڙ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي رجحانن درپيش چئلينجن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي مسلسل حالت جنگ ۾ رهڻو پيو، ان مشڪل حالتن ۾ پاڪستاني قوم ۽ ان جا رياستي ادارا ان امتحان مان سرخرو ٿيا آهن، حڪومت پاڪستان ۽ ان جي ادارن نيشنل ايڪشن پلان تحت انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي نتيجي ۾ وجود ۾ ايندڙ مشڪل جنگ جو بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ دشمن جا ڏند کٽا ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته آپريشن ضرب عضب ۽ رد الفساد جا گهربل نتيجا به تمام جلد حاصل ٿي ويندا ۽ وطن عزيز امن امان جو گهوارو بڻجي ويندو. صدر چيو ته پاڪستان ان عزم سان وجود ۾ آيو هو ته هو پنهنجي مثبت تعميري ڪردار سان عالمي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ جو ذريعو بڻجندو ۽ داخلي سطح تي پنهنجي شهرين جي عزت ۽ احترام سان گڏ سمورين زندگي جي ضرورتن جي فراهمي يقيني بڻائي دنيا جي سامهون هڪ فلاحي رياست جو بهترين نمونو پيش ڪندي پر پاڪستان ٺهڻ کان فوري بعد بدقسمتي سان هن خطي ۾ خاص طور تي ملڪ ۾ ڪجهه اهڙا واقعا ٿيندا ويا جنهن سبب اسان کي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائون پيش آيو، ان مسئلن ۾ جنگيون به شامل هيون ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ سياسي، معاشرتي ۽ اقتصادي مسئلا به، جنهن کي اسان اڄ تائين منهن ڏئي رهيا آهيون، صدر وڌيڪ چيو ته موجوده دور ۾ معيشت ۽ معاشرو ئي نه پر عدل ۽ انصاف سميت زندگي جا سمورا شعبا به عسڪري معاملن وانگر برابر جي اهميت اختيار ڪري چڪا آهن، ان ڏس ۾ نيشنل سيڪيورٽي ۽ وار ڪورس جي اهميت پهرين کان وڌيڪ آهي. هن وار ڪورس ۾ دوست ملڪن سان تعلق رکندڙ سينئر آفيسرن جي شرڪت جي آجيان ڪندي چيو ته سندن آمد سان ڪورس جي اهميت ۾ اضافو ٿي ويو آهي ڇو ته ان عهد ۾ قومون جي وچ ۾ تعاون ئي گڏيل بقاءُ جو واحد بنياد آهي. هن چيو ته دفاعي معاملن جي مطالعي ۽ رياستي ادارن جي مختلف سطحن جي ذميدارن جي تربيت ۽ انهن جي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته وقت گذرڻ سان گڏ ان قومي اداري جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي ۽ پاڪستان دفاعي معاملن ۾ نه رڳو ملڪ پر دوست ملڪن جي به ڪم اچي سگهندو.