پاڪستاني قوم ۾ شعور ۽ پختگي اچي چڪي آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

پاڪستاني قوم ۾ شعور ۽ پختگي اچي چڪي آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

شور ڪورٽ (پاکستان نیوز پوائنٹ 13 اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف 2018ع تائين ملڪ کي لوڊشيڊنگ کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم ۾ شعور ۽ پختگي اچي چڪي آهي ۽ هاڻي اها ڪم ڏسي فيصلا ڪري ٿي جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي، اسان جا ترقياتي منصوبا اسان جي دشمن کي نه وڻي رهيا آهن، الله پاڪستان کي خراب نظر کان بچائي، ڪنٽينر تي چڙهي سنجيده سياست نه ٿي ٿي سگهي، جنهن رستي تي اسان هلي رهيا آهيون تمام جلد پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جي منزل تائين پهچندو، سياست ڪا ون ڊي يا ٽيسٽ مئچ نه آهي، سياست هڪ سنجيده راند ۽ اسان جي لاءِ عبادت جو درجو رکي ٿي، اها ڳالهائڻ کان پهرين تورڻ سيکاري ٿي جڏهن ته اسان جا حريف ان سوچ کان عاري آهن، ماڻهو ترقي، خوشحالي، غربت ۽ جهالت جي خاتمي جي سياست جو ساٿ ڏيندا، آزاد ڪشمير جي عوام گندي سياست کي رد ڪري ڇڏيو، پاڪستان ۾ موٽرويز جو ڄار وڇائينداسين، 20 سال ترقي جي سفر ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪريون، اسان 2050ع تائين جي پاڪستان کي سامهون رکي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، 1999ع کانپوءِ 17 سالن تائين موٽروي يا اهڙي طرز جو ڪو منصوبو نه جوڙڻ قابل غور آهي. هو ڪالهه ڇنڇر ڏينهن شورڪوٽ ۾ موٽروي ايم فور منصوبي جي پيڙهه جي پٿر رکڻ جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي شورڪوٽ مان قومي اسيمبلي ميمبر صاحبزاده نذير سلطان ۽ مواصلات واري وفاقي سيڪريٽري خالد مسعود چوڌري پن خطاب ڪيو. پنجاب جو گورنر رفيق رجوانه، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد، پاڪستان ۾ چين جو سفير، اين ايڇ اي جو چيئرمين شاهد اشرف تارڙ ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو وڏو انگ پڻ ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته اڄ قوم مايوسين جي اونداهين مان نڪري اميد جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو آهي، ٽي سال اڳ جڏهن اسان پنهنجو سفر شروع ڪيو ته رستو موجود نه هو، اسان رستا پاڻ ٺاهيا، بجلي جي لوڊشيڊنگ جو مسئلو هڪ جدا داستان آهي، پاڪستان جي معيشت ڏينهون ڏينهن بهتر طرف وڃي رهي آهي، اهو به هڪ منفرد واقعو آهي جنهن جو فائدو پوري قوم کي پهچي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته آبادگار، صنعتڪار، عام ماڻهو سميت هر طبقي جي خدمت ڪئي آهي، هاري لاءِ ڀاڻ جي قيمت کي گهٽ ڪيو آهي، ايندڙ وقت ۾ ان ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪنداسين، اسان چاهيون ٿا ته هاري به معاشري ۾ خوشحالي مان فائدو کڻي. هن چيو ته موٽرويز جو ڄار وڇائڻ چاهيون ٿا جنهن سان هن سڄي خطي جي هارين کي فائدو ٿيندو، عام ماڻهو جي لاءِ خوشحالي جا امڪان پيدا ٿيندا ۽ فاصلا گهٽ ٿيندا، اهو وقت به ايندو جڏهن جي ٽي روڊ تان به موٽروي ٺهندي، اهو اسان جو ويزن آهي جيڪو پاڪستان جي عوام لاءِ آهي، چين جي سرحد کان گوادر تائين موٽروي ٺهندي، چين اسان جو بهترين ۽ اعتماد جوڳو دوست آهي، دنيا ۾ اهڙي دوستي جو مثال گهٽ ملي ٿو، وزيراعظم چيو ته 1999ع کان اڳ اسان پشاور کان لاهور تائين موٽروي ٺاهيو تنهن هوندي به 17 سالن ۾ ڪوبه نئون موٽروي يا اهڙو منصوبو نه ٺهيو، ان تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته جڏهن 1999ع ۾ اسان اقتدار ڇڏيو ته ان وقت بجلي اسان جي ضرورت کان وڌيڪ هئي ۽ اسان ان کي برآمد ڪرڻ جو سوچي رهيا هئاسين جڏهن ته اڄ بجلي ٻين ملڪن کان خريد ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته قوم کي ان بحران کان به ڇوٽڪارو ڏيارينداسين ۽ 2018ع تائين لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪنداسين. هن چيوته جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو ته ان وقت پاڪستان جي معيشت تباهه حال ۽ پاڪستان کي ڏيوالو نڪتل ۽ ناڪام رياست قرار ڏيڻ جون تياريون ٿي رهيون هيون، اڄ دنيا پاڪستان جي ترقي جو اعتراف ڪري ٿي، عالمي ميڊيا ۾ ان حوالي سان آرٽيڪل شايع ٿي رهيا آهن. هن چيو ته 1999ع ۾ پاڪستان جي ڪرنسي خطي ۾ سڀ کان مضبوط هئي جڏهن 2013ع ۾ اسان ٻيهر اقتدار سنڀاليو ته ان وقت ان جي قدر خطي ۾ سڀ کان گهٽهئي، اسان جي ڪوششن سان اها ٻيهر مستحڪم ٿي آهي، پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرا تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهن تنهن هوندي به اسان کي ترقي جو سفر جاري رکڻو آهي ۽ وڌيڪ اڳيان وڌڻو آهي، چين جي تعاون سان بجلي جي ڪارخانن تي ڪم تيزي سان جاري آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي تي 46 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي اهو پهريون مثال آهي. وزيراعظم چيو ته نئين ٽرانسميشن ۽ گئس پائيپ لائينون وڇايون پيون وڃن، تاپي منصوبي سان پاڪستان ۾ گئس جي کوٽ پوري ٿيندي، اها سوچ 2018ع جون چونڊون کٽڻ جي نه پر ڏور رس جي سوچ آهي، اسان 50 سال کي سامهون رکي منصوبابندي ڪئي آهي ته پاڪستان کي ڪهڙي طرح جو هجڻ گهجري. هن چيو ته ڏيڍ سال ۾ اسان مواصلات جي شعبي ۾ 850 ارب رپين جا منصوبا شروع ڪيا آهن، خنجراب کان مناسهره، مانسهره کان حسن ابدال تائين موٽروي ٺاهي پئي وڃي، لاهور کان عبدالحڪيم، ملتان، رحيم يار خان، سکر موٽروي تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي، ان جو جلد پيڙهه جو پٿر رکنداسين، اين ايڇ اي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته هو بهاولپور کي پڻ موٽروي سان ڳنڍڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي. وزيراعظم چيو ته هو ان پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي ته جيستائين ڪنهن منصوبي تي ڪم شروع نه ٿيندو ان جي پيڙهه جو پٿر نه رکيو ويندو، ماضي ۾ منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو هو جڏهن ته ان تي ڪم نه ٿيندو هو. هن چيو ته سکر حيدرآباد موٽروي جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي، حيدرآباد ڪراچي سيڪشن اڳ ۾ ئي مڪمل ٿي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته گوادر، ڪوئيٽا کان پشاور تائين موٽروي جي نيٽ ورڪ سان بلوچستان ۾ خوشحالي جي نئين لهر ڊوڙندي، گوادر ۽ باقي سپاڪستان جو وچ ايشيا سان زميني رابطو ٿيندو، گوادر ۾ جديد ايئرپورٽ ۽ بندرگاهه ٺهي رهي آهي، هي هڪ عالمي شهر هوندو. وزيراعظم چيو ته اهي منصوبا اسان جي دشمن کي صفا نٿا وڻن، انهن جي منصوبن تي نظر آهي، الله پاڪستان کي بُري نظر کان بچائي، اسان کي ڏينهن رات محنت ڪري انهن مصنوبن کي مڪمل ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته شورڪوٽ خانيوال سيڪشن جي لاڳت 26 ارب رپيا لڳائي وئي هئي تنهن هوندي به ان جو ڪانٽريڪٽ 22 ارب رپين ۾ ٿيو جنهن سان پاڪستانين جي رت جي پگهر جا چار ارب رپيا بچايا ويا، ماضي ۾ 10 ارب رپين جو منصوبو 50 ارب رپين تائين مڪمل ٿيڻ جا مثال موجود آهن، اسان ٽن ايل اين جي منصوبن ۾ 100 ارب رپين جي بچت ڪئي، جيڪڏهن ڪا ڪرپٽ حڪومت هجي ها ته اها اهي 100 ارب رپيا پنهنجي کيسي ۾ وجهي ها. وزيراعظم چيو ته قومي ترقي ۾ تيز رفتاري جو اهو سفر پاڪستان کي تمام گهڻو اڳتي وڌي وٺندو، 20 سال پٺتي رهجي ويندڙ کوٽ ختم ڪنداسين، ان سفر تي ڪاميابين جي لاءِ وقت گهربل هوندو. وزيراعظم چيو ته قوم کي سبز باغ ڏيکاريندڙ هتي ڪيترائي ماڻهو گهمن ٿا تنهن هوندي به عوامي خدمت ان کي چئبو آهي جيڪا اسان ڪري رهيا آهيون، ڪنٽينر تي چڙهي سياست ڪا سنجيده طرز جي سياست نه آهي، سياست ڏينهن جي راند يا تماشو نه آهي جو تماشائين جي لاءِ اها کيڏي وڃي پر هي هڪ سنجيده راند آهي ۽ عبادت جو درجو رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته هي سياستويزن جي گهرج ڪري ٿي، ڳالهائڻ کان اڳ تورڻ جو سبق سيکاري ٿي، اسان لفظ توري تڪي ڳالهايون ٿا جڏهن ته اسان جا مخالف ان سوچ کان عاري آهن، ان جي لاءِ انهن جي پوزيشن ڪمزور ۽ انهن جون تحريڪون ناڪام ٿي رهيون آهن، ماڻهو ترقي، خوشحالي، غربت ۽ جهالت جي خاتمي جي سياست جو ساٿ ڏيندا، آزاد ڪشمير هنن جيڪا زبان استعمال ڪئي ان جو نتيجو ڏسي چڪا آهن ته آزاد ڪشمير جي عوام ان گندي سياست کي رد ڪري ڇڏيو ۽ مسلم ليگ (ن) کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو، اهڙا ئي نتيجا پاڪستان ۾ ضمني چونڊن ۾ اچي چڪا آهن. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه انتهائي خوشي جوڳي آهي ته پاڪستان جي عوام باشعور ٿي چڪي آهي، ان بالغ نظري ۽ سياسي شعور تي قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. وزيراعظم چيو ته قوم اسان جو ڪم ۽ منصوبا ڏسي ڀيٽ ڪري ته اسان جي خدمت ۽ عبادت ڇا آهي ۽ انهن جي سياست ڇا آهي، اميد آهي ته عوام اهڙي طرح بالغ نظري سان پنهنجا فيصلا ڪندي رهندي. وزيراعظم چيو ته جنهن رستي تي اسان هلي رهيا آهيون اهو تمام جلد پاڪستان کي منزل تائين پهچائيندو. ان موقعي تي مواصلات واري سيڪريٽري خالد مسعود چوڌري پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ چيو ته شورڪوٽ خانيوال موٽروي چئن ڦاڪن وارو هوندو ۽ اهو 20 مهينن ۾ مڪمل ٿيندو، موٽروي جو تصور محمد نواز ش ريف 1992ع ۾ ڏنو هو، ان ئي ويزن تحت ٽن سالن ۾ موٽروي جي ڊيگهه ٽيڻ تي ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان پوري خطي ۾ تيز رفتار معاشي ترقي ٿيندي. قومي اسيمبلي ميمبر صاحبزاده نذير سلطان منصوبي جي شروعات تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته ان منصوبي سان وزيراعظم جي ملڪ گير روڊ نيٽ ورڪ جي تصور جي نه رڳو عڪاسي ٿئي ٿي پر ملڪ جي ترقي لاءِ هڪ نئين باب جي شروعات آهي.