بجلي جي گهرج ۽ پهچ جي حوالي سان فعال منصوبابندي استعمال ۾ آندي وڃي: وزيراعظم محمد نواز شريف

بجلي جي گهرج ۽ پهچ جي حوالي سان فعال منصوبابندي استعمال ۾ آندي وڃي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 6جون2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته بجلي جي گهرج ۽ پهچ جي حوالي سان فعال منصوبابندي استعمال ۾ آندي وڃي، توانائي جي باري ۾ ڪابينا ڪميٽي رمضان المبارڪ جي دوران ترقياتي ڪمن جي بنياد تي بجلي بند نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي ايل اين جي تي ٻڌل 1200 ميگاواٽ جي نئين بجلي گهر جي قيام جي منطوري ڏني آهي. ڪابينا ڪميٽي جي توانائي ڪميٽي جو اجلاس اڱاري ڏينهن وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري ڪميٽي کي گذريل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي اڳڀرائي جي باري ۾ به آگاهه ڪيو جنهن ۾ ناڻي، پاڻي ۽ بجلي ۽ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وزارتن جي بين الوزارتي ڪميٽي جي ڪم، سيپٽمبر 2018ع تائين بجلي جي گهرج ۽ پهچ جو جائزو ۽ غير فعال بجلي گهرن جو استعمال شامل آهن، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته لاڳاپيل عملدارن طرفان اهم نوعيت جي فوري عملن کي نظر ۾ رکڻ کانسواءِ منصوبابندي ڪئي ويندي آهي، وزيراعظم پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته 2023ع تائين بجلي جي طلب ۽ پهچ جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن ملڪ جي مستقبل جي توانائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان جامع ڊگهي مدي واري منصوبابندي ڪري سگهجي. وزيراعظم هي به هدايت ڪئي ته مرمت ۽ سارسنڀال جي بنياد تي بجلي گهرن جي بندش جي شيڊول کي گرم موسم کان سرد موسم تائين منتقل ڪرڻ جو به جائزو ورتو وڃي ته جيئن بجلي جي تمام گهڻي گهرج جي مهينن دوران وڌ کان وڌ بجلي فراهم ڪري سگهجي. ان دوران توانائي جي باري ۾ ڪابينا ڪميٽي متفقه طور تي منظوري ڏني ته رمضان جي دوران ترقياتي ڪمن کي بنياد بڻائي بجلي جي بندش نه هئڻ گهرجي، هي به فيصلو ڪيو ويو ته اقتصادي خوشحالي ۽ صارفين جي طرز عمل جي بنياد تي برقي مصنوعات جي استعمال ۾ اضافي سميت ٻين عملن کي به بجلي جي متوقع گهرج جي ڪاٿي ۾ شامل ڪيو وڃي. ڪميٽي ايل اين جي سان هلندڙ 1200 ميگاواٽ جي گنجائش جي نئين پاور پلانٽ جي قيام جي به اصولي منظوري ڏني، اجلاس ۾ ناڻي واري وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير خواجه محمد آصف، شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، پنجاب جو وڏو وزير محمد شهباز شريف، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.