سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 3جون2017ء) سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ايوان صدر جي مخصوص بجيٽ جو 30 سيڪڙو ۽ وزيراعظم هائوس جي مخصوص بجيٽ جو 15 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جڏهن ته سرڪاري پگهارن ۾ 20 سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سليم ايڇ مانڊوي والا جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ فنانس بل 2017ع ۾ ايف بي آر جي تجويز ڪيل سفارشن کانسواءِ سينيٽر سيد مظفر حسين شاهه فرحت الله بابر، چوڌري تنوير خان، اعظم خان سواتي، محمد عثمان خان ڪاڪڙ، سردار محمد اعظم موسيٰ خيل، اورنگزيب خان، سراج الحق ۽ نوابزاده سيف الله مگسي پاران بجيٽ 18 – 2017ع ۾ تجويز ڪيل سفارشن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. سينيٽر فرحت الله بابر تجويز ڏني ته فاٽا سڌارن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 10 ارب رپيا رکيا وڃن، جنهن کي ڪميٽي منظور ڪري ورتو. اسٽينڊنگ ڪميٽي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو اضافي بابت تجويز کي پڻ متفقه طور تي منظور ڪري ورتو جڏهن ته نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 1000 ملين جي تجويز کي پڻ منظور ڪيو ويو. سينيٽر سيد مظفر حسين شاهه جي تجويزن جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو. اعظم خان سواتي تجويز ڏني ته ايوان صدر جي بجيٽ ۾ 30 سيڪڙو جڏهن ته وزيراعظم هائوس جي بجيٽ ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي، عثمان ڪاڪڙ تجويز ڏني ته انٽرنيز جي پگهار 20 هزار جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي، جنهن کي ڪميٽي متفقه طور تي منظور ڪري ورتو. اجلاس ۾ سينيٽر سردار محمد اعظم خان موسيٰ خيل، سيد مظفر حسين شاهه، محمد اعظم خان سواتي، فرحت الله بابر، محمد عثمان خان ڪاڪڙ، محسن خان لغاري، عثمان سيف الله خان، چوڌري تنوير خان ۽ طلحيٰ محمود کانسواءِ ناڻي واري سيڪريٽري، ناڻي واري ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.