اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 2جون2017ء) قومي سلامتي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر جنجوعه سان جاپان جي سفير تاڪاشي ڪورائي جمعي ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي سلامتي جي صلاحڪار چيو ته پاڪستان جاپان کي ويجهو دوست ۽ بااعتماد اقتصادي پارٽنر تصور ڪري ٿو. ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ امن ۽ مصالحت لاءِ تعميري ڪوششن جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. هن جاپاني سفير کي گڏيل عزت ۽ احترام ۽ پرامن گڏيل بقاءُ جي بنياد تي سمورن پاڙيسري ملڪن سان تعاون تي ٻڌل لاڳاپن بابت پاڪستان جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. قومي سلامتي جي صلاحڪار ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان سدائين افغانستان ۽ ڀارت سان امن ڪوششن جي حمايت ڪئي آهي.
قومي سلامتي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر جنجوعه سان جاپان جي سفير جي ملاقات
8 سال پھريان
