اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ1جون2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته حڪومت پنهنجو 5 سالن وارو آئيني مدو پوري ڪندي، صدر جو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب مثبت ۽ سٺو هو، تماشو لڳائيندڙن تماشو لڳايو آهي، اسان عوامي مينڊيٽ جو احترام ڪندي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو پنهنجو ڪم جاري رکنداسين. مخالف ڌر جي رويي جي باري ۾ اهو ئي چوندس ته جيڪو پوري قوم چئي رهي آهي، عوام سڀ ڪجهه ڏسي رهي آهي ۽ هو ان جي باري ۾ پنهنجي راءِ قائم ڪري چڪي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن صدر جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب کانپوءِ صدر کي ايوان صدر روانو ڪندي وقت صحافين سان مختصر غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪيو. وزيراعظم صدر جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب جي موقعي تي مخالف ڌر جي رويي جي حوالي سان چيو ته تماشو لڳائيندڙن تماشو لڳايو ۽ اهو ائين ڪندا رهندا، اسان عوامي مينڊيٽ جو احترام ڪندي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکنداسين، هن صحافي جي سوال تي هن چيو ته حڪومت پنهنجو آئيني مدو انشاءُ الله پورو ڪندي.
حڪومت پنهنجو 5 سالن وارو آئيني مدو پوري ڪندي، صدر جو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب مثبت ۽ سٺو هو، تماشو لڳائيندڙن تماشو لڳايو آهي، اسان عوامي مينڊيٽ جو احترام ڪندي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو پنهنجو ڪم جاري رکنداسين: وزيراعظم محمد نواز شريف
7 سال پھريان