نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ شهيدن جي خاندانن ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ معذور ٿيندڙن جي لاءِ خصوصي مراعتن جو فيصلو ڪيو ويو آهي: اسحاق ڊار

نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ شهيدن جي خاندانن ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ معذور ٿيندڙن جي لاءِ خصوصي مراعتن جو فيصلو ڪيو ويو آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 27مئ2017ء) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ شهيدن جي خاندانن ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ معذور ٿيندڙن جي لاءِ خصوصي مراعتن جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته سماجي تحفظ جي پروگرام جي سلسلي ۾ پاڪستان بيت المال جي بجيٽ ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پنهنجي گذريل حڪومت جي دور ۾ بيواهه عورتن جا ساڍا ٽي لک رپين تائين جا قرض معاف ڪيا هئا جڏهن ته هاڻي 5 لک رپين تائين جا قرض معاف ڪيا ويندا، اهي خرچ ناڻي واري وزارت برداشت ڪندي ۽ انهن خرچن جو ڪاٿو 2.5 کان 3 ارب رپيا ٺهي ٿو.