سڪندر حيات بوسڻ جي صدارت ۾ اجلاس

سڪندر حيات بوسڻ جي صدارت ۾ اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 10اگست 2016ء) نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ۽ ريسرچ واري وفاقي وزير سڪندر حيات بوسڻ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي جوڙيل ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي، ڪميٽي کي هلندڙ سال ڪڻڪ جي خريداري مهم دوران آبادگارن ۾ پاسڪو طرفان بارداڻي جي غير منصفاڻي ورڇ تي غور ويچار ۽ جائزي وٺڻ جي هدايت ڪئي هئي. هي معاملو قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ اٿاريو ويو هو جتي ڪجهه اسيمبلي ميمبرن بارداڻي جي ورڇ ۾ بي ضابطگين جي شڪايت ڪئي هئي، پاسڪو وفاقي ادارو آهي جيڪو وفاقي حڪومت طرفان ڪڻڪ جي خريداري ڪرڻ جو ذميدار آهي، پاسڪو جي مينيجنگ ڊائريڪٽر اجلاس ۾ موجود ڪميٽي جي ميمبرن کي ٻڌايو ته آبادگارن جي مفاد ۾ سڄو عمل شفاف بڻائڻ ۾ هر ممڪن احتياط ڪيو ويو هو ۽ جتي به طئي ٿيل عمل ۽ طريقيڪار کان هٽي ڪري ڪم ڪرڻ جا اطلاع مليا ان معاملن جي فوري جاچ جا حڪم جاري ڪيا هئا، وفاقي وزير سڪندر حيات بوسڻ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته اسان آبادگارن جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ اڻٿڪ محنت سان ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ هي اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، جيتوڻيڪ ان ڏس ۾ شفافيت ئي بنيادي گهرج آهي ۽ جيڪڏهن نشاندهي ٿي ته بي ضابطگين جي ذميدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ صرف ان طريقيڪار سان ئي اسان آبادگارن جي بهتر مستقبل جي اميد ڪري سگهون ٿا.