ملڪ ۾ ڀائيچاري جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ اسان جو فرض آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

ملڪ ۾ ڀائيچاري جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ اسان جو فرض آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 10اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته موجوده جمهوري حڪومت آئين پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن جي پڌرنامي موجب سمورين اقليتن کي برابر حق فراهم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي، ملڪ ۾ ڀائيچاري ۽ برداشت جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ اسان جو اخلاقي، مذهبي ۽ سماجي فرض آهي. 11 آگسٽ کي اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد قومي تعمير ۾ اقليتن جي ڪردار کي تسليم ڪرڻ، انهن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ سمورن مذهبن جي ماڻهن جي وچ ۾ قومي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ آهي، هن چيو ته هي ڏينهن اقليتن جي عظيم قربانين کي ياد ڪرڻ ۽ کين درپيش مسئلن جو احساس ڏياري ٿو، اقليتن جو ڏينهن انسانيت جي خدمت ۽ هڪ خوشحال پاڪستان لاءِ يڪجهتي جو اظهار آهي. وزيراعظم چيو ته 11 آگسٽ 1947ع تي قائداعظم پهرين قانونساز اسيمبلي کي تاريخي خطاب ۾ هڪ جديد، معتدل ۽ خوشحال پاڪستان جو بنياد رکيو هو. موجوده حڪومت قائداعظم جي ويزن موجب اقليتن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائي رهي آهي، هن چيوته اقليتن جي حقن جو تحفظ اسان جي منشور جو حصو آهي، وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد اقليتن جي اڻٿڪ ڪردار کي تسليم ڪرڻ ۽ انهن جي حقن کي اجاگر ڪرڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ آهي.