اسان مذهبي هم آهنگي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪنداسين: صدر ممنون حسين

اسان مذهبي هم آهنگي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪنداسين: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 10اگست 2016ء) صدر ممنون حسين قائداعظم محمد علي جناح جي تعليم موجب سمورن مذهبن جي ماڻهن کي بنا فرق جي برابر حق فراهم ڪرڻ لاءِ عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته اسان مذهبي هم آهنگي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪنداسين. 11 آگسٽ کي اقليتن جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد قومي زندگي ۾ اقليتن جي خدمتن کي تسليم ڪرڻ آهي، صدر چيو ته هي ڏينهن اسان جي قومي تاريخ ۾ خصوصي اهميت رکي ٿو، هن چيو ته ملڪ لاءِ اقليتي برادري جي محبت ۽ خدمت جو جذبو مثالي آهي، صدر چيو ته قائداعظم پهرين قانونساز اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته سمورن مذهبن جي ماڻهن جا حق برابر هوندا، موجوده حڪومت اقليتن کي ڀلائي لاءِ غير معمولي قدم کنيا آهن، هن چيو ته اسان کيمذهبي هم آهنگي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن ته جيئن ملڪ ۾ جمهوري قدر، امن ۽ برداشت کي فروغ ملي.