وزيراعظم جي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت

وزيراعظم جي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 10اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ مصروف وقت گذاريو، هو روايتن کان هٽي ڪري واڪ آئوٽ ڪندڙ اپوزيشن پارٽين جي ميمبرن کي پاڻ وڃي پرچائي ايوان ۾ وٺي آيو، وزيراعظم اربع ڏينهن سوالن واري وقفي جي فوري بعد ايوان ۾ آيو جتي هن ڪوئيٽا جي واقعي تي پاليسي بيان ڏنو جڏهن ته گهرو وزير جي بيان کانپوءِ مخالف ڌر جي پارٽين واڪ آئوٽ ڪيو ته وزيراعظم پنهنجي وزيرن سان گڏ پاڻ اپوزيشن لابي ۾ ويو ۽ کين پرچائي واپس وٺي آيو، جنهن جي ميمبرن ڀرپور آجيان ڪئي. جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته مخالف ڌر واڪ آئوٽ ڪيو، عام روايتن کان بلڪل هٽي ڪري وزيراعظم پاڻ پرچائي مخالف ڌر کي ايوان ۾ وٺي آيو، وزيراعظم جي ان طرز عمل جي قدر ڪرڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم جي سيد آصف حسنين به وزيراعظم طرفان خيرسگالي جي ان جذبي کي ساراهيو، ايوان ۾ موجودگي دوران حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن جي وڏي تعداد وزيراعظم کان سندس خيريت دريافت ڪئي، واضح رهي ته وزيراعظم لنڊن مان پنهنجي علاج کانپوءِ پهريون ڀيرو قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو.