متفقه چونڊ قانون جي نمايان خصوصيتن کي جلد سامهون آندو ويندو: زاهد حامد

متفقه چونڊ قانون جي نمايان خصوصيتن کي جلد سامهون آندو ويندو: زاهد حامد

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 10اگست 2016ء) چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جي ڪنوينر زاهد حامد چيو آهي ته متفقه چونڊ قانون جي نمايان خصوصيتن کي جلد سامهون آندو ويندو. اربع ڏينهن ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ هن چيو ته ڪميٽي متحده چونڊ قانونن جي مسودي جي جائزي جو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي سفارشن کي قبول ڪري ورتو آهي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ايندڙ ٻن هفتن ۾ اليڪٽرانڪ ۽ بايو ميٽرڪ ووٽنگ مشينن بابت پنهنجي تجربن کان آگاهه ڪندو، اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ۽ بايو ميٽرڪ ووٽنگ مشين بابت سموريون آڇون وصول ڪري پنج کي قبول ڪري ورتو آهي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ملازمن جي پگهارن بابت هڪ بل کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي ۽ ان کي جلد ٻنهي ايوانن ۾ پيش ڪيو ويندو، سياسي پارٽين سينيٽ جي چونڊن جي طريقيڪار جي مخالفت ڪئي آهي ۽ ڪميٽي ان سلسلي ۾ حتمي فيصلو ڪندي. هن چيو ته ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ پرڏيهي ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستانين جي رجسٽريشن جي عمل جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته ڪميٽي نادرا کي ووٽرز جي تصديق جو عمل آسان بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.