اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 27مئ2017ء) وفاقي حڪومت جي ايندڙ مالي سال 18 – 2017ع دوران سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي لاءِ 35 ارب 66 ڪروڙ 28 لک رپيا رکيا ويا آهن. ايڇ اي سي جي جاري 106 منصوبن جي لاءِ 26 ارب 47 ڪروڙ 41 لک رپيا جڏهن ته 68 نون منصوبن جي لاءِ 9 ارب 18 ڪروڙ 86 لک رپيا رکيا ويا آهن. نسٽ يونيورسٽي جي مين ڪئمپس ۾ نيشنل سائنس ٽيڪنالاجي پارڪ قائم ڪرڻ جي لاءِ 40 ڪروڙ، نيشنل سينٽر آف بزنس قائم ڪرڻ جي لاءِ 20 ڪروڙ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لاء ڪراچي جي هاسٽل ۽ اڪيڊمڪ انفراسٽرڪچر جي لاءِ 20 ڪروڙ، گوادر يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ اينڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي ترقي لاءِ 20 ڪروڙ، نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنس راولپنڊي جي ترقي لاءِ 19 ڪروڙ، گنڌارا يونيورسٽي ٽيڪسلا قائم ڪرڻ جي لاءِ 20 ڪروڙ، سرڪاري يونيورسٽين جي ضلعي ڪئمپسز قائم ڪرڻ جي لاءِ 34 ڪروڙ، ايڇ اي سي جي ٻاهرئين ملڪ پي ايڇ ڊي پروگرام جي ٽئين مرحلي جي لاءِ 24 ڪروڙ رپيا شامل آهن.
هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي لاءِ 35 ارب 66 ڪروڙ 28 لک رپيا رکيا ويا
8 سال پھريان
