مخالف ڌر جي پارٽين پاران قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ

مخالف ڌر جي پارٽين پاران قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 10اگست 2016ء) مخالف ڌر جي پارٽين اڳوڻي دور جي حڪومتن تي تنقيد جي خلاف قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪيو، وزيراعظم نواز شريف پنهنجي دوستن سان گڏ وڃي کين پرچائي ايوان ۾ واپس وٺي آيو، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته اسان سدائين گڏجي دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، ڪڏهن حڪومت تي تنقيد ناهي ڪئي، هن چيو ته اسان کي ڪنهن کان حب الوطني جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت نه آهي، آصف علي زرداري کي ڪنهن جي واکاڻ جي ضرورت نه آهي، هن چيو ته اسان ڪڏهن به حڪومت تي ان طرح جي تنقيد ناهي ڪئي، حڪومتي رويي تي اسان ايوان مان واڪ آئوٽ ڪنداسين، ان سان گڏ ئي پيپلزپارٽي، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جا ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، اسپيڪر وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده کي هدايت ڪئي ته هو مخالف ڌر کي راضي ڪري ايوان ۾ آڻي، ان دوران وزراعظم محمد نواز شريف اپوزيشن لابي ۾ ويو ۽ پاڻ پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جي ميمبرن کي پرچائي واپس ايوان ۾ وٺي آيو، ان جي واپسي تي ايوان ۾ موجود ميمبرن وزيراعظم جي فيصلي جي ڀرپور طريقي سان ڊيسڪون وڄائي آجيان ڪئي.