اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 10اگست 2016ء) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ قومي جنگ هجڻ گهرجي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتراض واري نقطي تي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم جي موجودگي ۾ هو هي ڳالهه ڪرڻ چاهي ٿو ته پارلياماني ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، حڪومت مخالف ڌر کي موقعو ڏي اسان ملڪ جي حق ۾ ڳالهه ڪرڻ چاهيون ٿا، دهشتگردي جي خلاف جنگ قومي جنگ هجڻ گهرجي، ان حوالي سان بحث جاري رهڻ گهرجي، اسپيڪر چيو ته ڪوئيٽا واقعي تي ٻن ڏينهن تائين بحث ڪرايو ويو آهي، اسان کي قاعدي قانون تحت هلڻ گهرجي. اي پي پي/ش – چ/ر – م 20:14
دهشتگردي جي خلاف جنگ قومي جنگ هجڻ گهرجي: سيد خورشيد شاهه
8 سال پھريان