پاڪستاني نوجوانن کي قومي سياست ۾ ڀرپور حصو وٺڻ ۽ پنهنجي ضمير موجب پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ گهرجي: سردار اياز صادق

پاڪستاني نوجوانن کي قومي سياست ۾ ڀرپور حصو وٺڻ ۽ پنهنجي ضمير موجب پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ گهرجي: سردار اياز صادق

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 10اگست 2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستاني نوجوانن کي قومي سياست ۾ ڀرپور حصو وٺڻ ۽ پنهنجي ضمير موجب پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار نوجوانن جي ڪردار جي حوالي سان منعقد ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اسپيڪر ملڪي ترقي لاءِ برداشت ۽ بردباري لازمي قرار ڏنو، هن پاڪستان، يورپ ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ دهشتگردي سبب ٿيندڙ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻارن جي پورهئي جي خاتمي ۽ کين تعليمي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ان موقعي تي تعليم، روزگار ۽ راندين جي شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن 10 نوجوانن کي تعريفي سندون ۽ شيلڊز پيش ڪيون.