ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي پاران جعلي دوائن جي روڪٿام لاءِ ڪوڊ سسٽم جوڙڻ جو فيصلو

ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي پاران جعلي دوائن جي روڪٿام لاءِ ڪوڊ سسٽم جوڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 10اگست 2016ء) ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي جعلي دوائن جي روڪٿام لاءِ ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ڪوڊ سسٽم جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اها ڳالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي نيشنل هيلٿ سروسز ريگوليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻڌائي وئي. ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين خالد حسين مگسي جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بارڪوڊ جو نظام ترقي يافته ملڪن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ ان سلسلي ۾ جلد قانونسازي ڪئي ويندي، ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيٽو ڊاڪٽر محمد اسلم ٻڌايو ته حڪومت فارماسيوٽيڪل ڪمپنين طرفان دوائن جي قيمتن ۾ پاڻمرادو اضافي تي سزا ۽ ڏنڊ لاءِ قانونسازي جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي، هن چيو ته حڪومت 2015ع ۾ جامع ڊرگ پرائسنگ پاليسي جوڙي هئي، ان پاليسي تحت ساليانو قيمتن ۾ اضافو ڪنزيومر پرائيس انڊيڪس سان مشروط آهي، ڪميٽي قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر فوزيه حميد طرفان پيش ڪيل ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان ترميمي بل 2016ع تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڊگهي غور ويچار کانپوءِ ان کي رد ڪيو ويو.