اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 27مئ2017ء) ايندڙ مالي سال 18 -2017ع جي دوران پي ايس ڊي پي تحت پاڪستان ايٽمي توانائي ڪميشن جي پهرين کان جاري 14 جڏهن ته 13 نون ترقياتي منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 15 ارب 8 ڪروڙ 50 لک روپين جا فنڊ مختص ڪيا آهن، جمعي ڏينهن جاري ڪيل پي ايس ڊي پي جي رپورٽ موجب انهن منصوبن تي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 2 کرب 79 ارب 29 ڪروڙ 52 لک 10 هزار روپيا لڳايو ويو هو جنهن ۾ هڪ کرب 32 ارب 90 ڪروڙ 70 لک 52 هزار روپيا جي غير ملڪي امداد به شامل آهي، رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان ايٽمي توانائي ڪميشن جي پهرين کان جاري 14 منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 10 ارب 84 ڪروڙ 11 لک 4 هزار روپين جا فنڊ مختص ڪيا ويا آهن جن ۾ 6 ارب 95 ڪروڙ 70 لک 10 هزار روپين جي غير ملڪي امداد به شامل آهي، جڏهن ته حڪومت پنهنجي مالي وسيلن مان 3 ارب 88 ڪروڙ 40 لک 94 هزار روپيا فراهم ڪندي، رپورٽ موجب ڪميشن جي 13 نون مختلف ترقياتي منصوبن جي لاءِ ايندڙ مالي سال دوران 4 ارب 24 ڪروڙ 38 لک 96 هزار روپين جي بجيٽ مختص ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ غير ملڪي امداد شامل نه آهي.
پاڪستان ايٽمي توانائي ڪميشن جي پهرين کان جاري 14 جڏهن ته 13 نون ترقياتي منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 15 ارب 8 ڪروڙ 50 لک روپين جا فنڊ مختص
7 سال پھريان