اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 27مئ2017ء) چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي (سي پيڪ) تحت گوادر ۾ صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ ايندڙ مالي سال 18 -2017ع جي دوران سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت 7 ڪروڙ روپين جي بجيٽ رکي وئي آهي. پي ايس ڊي پي موجب گوادر ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي تي خصوصي ڌيان ڏيندي حڪومت منصوبي جي پڄاڻي لاءِ 11 ارب 39 ڪروڙ 60 لک روپين جي خرچن جو ڪاٿو لڳايو آهي. جنهن جي لاءِ 30 جون 2017ع تائين 2 ارب 65 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ايندڙ مالي سال دوران منصوبي جي لاءِ مجموعي طور تي مختص ڪيل بجيٽ ۾ 20 ڪروڙ روپين جي غير ملڪي امداد شامل آهي. جڏهن ته حڪومت پنهنجي مالي وسيلن سان پنجاهه ڪروڙ روپين جا ترقياتي فنڊ جاري ڪندي.
سي پيڪ)تحت گوادر ۾ صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ 7 ڪروڙ روپين جي بجيٽ رکي وئي
7 سال پھريان