اسان جو اتحاد ئي شيطاني قوتن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي سگهي ٿو: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسان جو اتحاد ئي شيطاني قوتن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي سگهي ٿو: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 10اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اسان جو اتحاد ئي شيطاني قوتن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي سگهي ٿو، پاڪستان جي حڪومت عوام، هٿياربند فوج ۽ قومي سلامتي جا ادارا دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ متحد آهن ۽ متحد رهندا ۽ ان جنگ کي منطقي انجام تائين پهچائيندا، اسان دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جو جيڪو عزم ڪيو آهي ان کي جهڪڻ نه ڏينداسين، پهرين کان وڌيڪ عزم سان اڳتي وڌنداسين، اسان کي هر قيمت تي ان نظريي کي شڪست ڏيڻي آهي، اسان انهن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائڻ کانسواءِ سک سان نه ويهنداسين، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي سان روشن ٿيندڙ امڪانن جي وسيع دنيا اسان جي دشمنن کي هضم نه ٿي رهي آهي، ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اسان جو متحد ٿيڻ ضروري آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن تي پاڪستان خاموش نٿو رهي سگهي، پاڪستان کي هر مڪتب فڪر عقيدي، رنگ ۽ نسل جي ماڻهن جي لاءِ محفوظ سرزمين بڻائڻ اسان جو مشن آهي، اهو پوري قوم ۽ سياسي پارٽين جو مشن ۽ قائداعظم جو ويزن آهي، پاڪستان جا انٽيلي جنس ادارا ڏينهن رات محنت ڪري دهشتگردي کي ناڪام بڻائڻ ۾ مصروف آهن، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڪوئيٽا سانحي تي پاليسي بيان ڏيندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته ڪوئيٽا ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعي سڄي قوم کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي، اسان دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جو جيڪو عزم ڪيو آهي ان واقعي سان ان عزم کي جهڪائي نٿو سگهجي، اسان پهرين کان وڌيڪ عزم سان اڳتي وڌنداسين، هن چيو ته گمراهه عنصر ڪڏهن اسماعيلي برادري کي ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪري رهيا آهن ته ڪڏهن ڪوئيٽا ۾ هزاره برادري کي دهشتگردي جو نشانو بڻائي رهيا آهن، ڪڏهن پشاور ۾ چرچ تي حملو ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن آرمي پبلڪ اسڪول ۾ معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ هر طبقي فڪر، زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ مشهور شخصيتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، اقليتي برادري جي خلافدهشتگردي جون ڪارروايون جاري آهن، اهڙا عنصر عوام ۽ پاڪستان جا دشمن آهن، اسان کي هر قيمت تي ان نظريي کي شڪست ڏيڻي آهي، انهن جي پويان جيڪي ذهن آهن اهي انتهائي مڪروه آهن ۽ هو پاڪستان ۾ امن ۽ امان بهتر ٿيندي نٿا ڏسي سگهن، بلوچستان بهتر ٿيندي انهن کان برداشت نٿو ٿئي، اسان انهن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائڻ کانسواءِ سک سان نه ويهنداسين. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي سان روشن امڪانن جي وسيع دنيا اسان جي دشمنن کي هضم نه پئي ٿئي، انهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اسان جو متحد هئڻ ضروري آهي، وزيراعظم چيو ته اسان جو اتحاد ئي شيطاني قوتن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي خلاف اسان هر سطح تي آگاهي مهم هلائي آهي انهن حالتن ۾ پاڪستان خاموش نٿو رهي سگهي، اسان جي قومي سلامتي جا ادارا پاڪستان جي سرحدن ۽ پاڪستان جي اندر سخت قدم کڻڻ ۾ حق تي آهن، رياست جي حفاظت سان گڏوگڏ سرحدن جي اندر زندگي کي محفوظ بڻائڻ انهن جي ذميداري آهي، وزيراعظم چيو ته هر مڪتب فڪر، عقيدي، رنگ ۽ نسل جي ماڻهن جي لاءِ پاڪستان کي محفوظ سرزمين بڻائڻ اسان جو مشن آهي اهو سڄي قوم ۽ سياسي پارٽين جو مشن آهي ۽ اهو قائداعظم جو مشن آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا انٽيلي جنس ادارا ڏينهن رات محنت ڪري دهشتگردي کي ناڪام بڻائڻ ۾ مصروف آهن، هنن دهشتگردي جا سوين منصوبا ناڪام بڻايا، دهشتگردن جو سڌو سنئون هدف پاڪستان جو بنياد آهي، هٿياربند فوج کان عام شهرين تائين هر پاڪستاني قوم جي انهن دشمنن جو هدف هو، هن چيو ته اسان جا ادارا پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن، هاڻي جو پاڪستان گهڻو وڌيڪ مضبوط ۽ توانو آهي، وزيراعظم چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر ائين چوڻ چاهي ٿو ته پاڪستان جي حڪومت، پاڪستان جي عوام ، هٿياربند فوج، قومي سلامتي وارا ادارا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ متحد آهن ۽ متحد رهندا.