دهشتگردي جي خلاف مشاورت سان حڪمت عملي جوڙي وڃي: مولانا فضل الرحمان

دهشتگردي جي خلاف مشاورت سان حڪمت عملي جوڙي وڃي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 10اگست 2016ء) جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي سربراهه قومي اسيمبلي ميمبر مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف مشاورت سان حڪمت عملي جوڙي وڃي ته جيئن ڪوئيٽا سانحي جهڙن واقعن کي روڪي سگهجي، اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪوئيٽا سانحي ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ جي ملوث هجڻ جي باري ۾ بلوچستان جي وڏي وزير جو بيان نظر انداز نٿو ڪري سگهجي ان وٽ معلومات وڌيڪ ميسر آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ سيڪيورٽي ادارن کي وڙهڻي آهي، عوام صرف يڪجهتي جو اظهار ۽ تعاون ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف مشاورت سان حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ اهڙي طرح جا واقعا روڪڻ گهرجن. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جو الميو آهي ته جڏهن ڪو حادثو ٿي ويندو آهي ته پوءِ سوچندا آهيون، جڏهن ته محرم، ربيع الاول ۽ ٻين موقعن دوران نفرتون سامهون آيون آهن، انهن کي روڪڻ جي لاءِ قانونسازي نٿي ڪئي وڃي، اڄ تائين رويت هلال جي حوالي سان ڪوئي قانونسازي موجود نه آهي، بعد ۾ سڄي ذميداري عالمن تي وڌي ويندي آهي.