پاناما ليڪس بابت قائم جي آءِ ٽي مان اميد آهي ته اها قانون ۽ آئين موجب ڪارروائي کي اڳتي وڌائيندي: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

پاناما ليڪس بابت قائم جي آءِ ٽي مان اميد آهي ته اها قانون ۽ آئين موجب ڪارروائي کي اڳتي وڌائيندي: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 22مئ2017ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاناما ليڪس بابت قائم جي آءِ ٽي مان اميد آهي ته اها قانون ۽ آئين موجب ڪارروائي کي اڳتي وڌائيندي، معزز ججن جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، عمران خان صاحب! توهان کي ڪهڙي خبر عزت ڇا هوندي آهي، توهان ته سدائين سستي شهرت جي لاءِ الزامن ۽ ڪوڙ جو سهارو ورتو آهي، عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جا نمائندا سدائين دشمن جي زبان ڳالهائين ٿا، ڊان ليڪس جي معاملي تي پڻ پي ٽي آءِ ادارن جي خلاف مهم هلائي، توهان جو مقصد ادارن جي وچ ۾ ٽڪراءُ ڪرائڻ آهي، عمران خان پنهنجي احتساب ۾ ٽي سال پوئتي نه ٿو وڃي ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف پنهنجي مرحوم والد ۽ ٽن نسلن جو حساب ڏنو آهي، عمران خان عدالتن، اليڪشن ڪميشن ۽ سوال اٿاريندڙ ادارن کان ڀڄي ٿو، اعليٰ عدليه پي ٽي آءِ جي هڪ ٻي غيرآئيني درخواست رد ڪندي چيو آهي ته شهرت خاطر قانون کي وڪرو نه ٿو ڪري سگهجي، خان صاحب توهان تي توهين عدالت لڳي ٿي ۽ ادارا توهان کي غيرمهذب چون ٿا، توهان ماڻهن تي الزام لڳايو ٿا، توهان جي پارٽي آءِ سي جي تي دشمن جي زبان ڳالهائي ٿي، بئنچ اهو به چيو آهي ته سمورا حڪومتي ادارا ۽ وزيراعظم جو خاندان جي آءِ ٽي سان تعاون ڪري رهيو آهي. هو ڪالهه سومر ڏينهن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائي رهي هئي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ جو وزيراعظم هجي يا ملڪ جي عزت، عمران خان جو رڳو هڪ ئي مقصد رهيو آهي ته هو انهن الزامن ذريعي سستي شهرت حاصل ڪري ڇو ته ڪجهه ماڻهن جو مقصد ادارن ۽ عهدن تي رڳو گند اڇلائڻ آهي. هن چيو ته عمران خان صاحب توهان عزت جي ڳالهه ڪريو ٿا، توهان کي ڪهڙي خبر عزت ڇا هوندي آهي، عزت اها هوندي آهي جيڪا موجوده وزيراعظم پنهنجي ٽن نسلن جو حساب ڏئي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن توهان تي ڪو ادارو سوال اٿاري ته توهان ادارن تي دٻاءُ ۽ توهين کانسواءِ جن جن جاين تي توهان تي سوال ٿيو ان اداري جي عزت ۽ ماڻهن جي پڳڙي جهڙي طرح توهان اڇاليو ٿا اهو سڀني جي سامهون آهي. هن چيو ته عمران خان صاحب توهان ۽ توهان جي نمائندن ڊان ليڪس تي آئيني ادارن جي خلاف مهم هلائي ڇو ته توهان کي سستي شهرت گهرجي. هن چيو ته عمران خان صاحب توهان حڪومت ۽ وزيرعظم جي هر قسم جي توهين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته عمران خان صاحب اڄ توهان هڪ ٻي ٽوئيٽ ڪئي، جنهن ۾ توهان عزت جي ڳالهه ڪئي آهي، پوري قوم توهان جي ڪوڙ ۽ الزامن کان تنگ اچي چڪي آهي، خان صاحب هاڻي ته ڪوڙ جي سياست کي ختم ڪريو ۽ اچو ڪارڪردگي جي سياست ڪريو پر توهان جي قسمت ۾ اهو آهي ئي نه، توهان کي ڪو غرض نه آهي هن ملڪ سان، هن ملڪ جي عوام ۽ عوامي مفادن جي منصوبن سان، توهان چاهيو ئي نه ٿا ته ملڪ جو مستقبل محفوظ هجي ۽ ملڪ ۾ آئيني ۽ قانوني ادارا مستحڪم ٿين، توهان جو رڳو هڪ ئي مقصد آهي جيڪو ملڪ جي ترقي کي روڪڻ ۽ آئيني ۽ قانوني ادارن جي تذليل ڪرڻ آهي. هن چيو ته خان صاحب جڏهن توهان جي پنهنجي احتساب جي ڳالهه ٿئي ٿي ته توهان ٽن سالن کان پوئتي نه ٿا وڃو، اعليٰ عدليه، هاءِ ڪورٽ، خصوصي عدالتن، اليڪشن ڪميشن سميت هر آئيني اداري کان ڀڄو ٿا، هن ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪو احتساب تي يقين رکي ٿو ته اهو هن ملڪ جو وزيراعظم محمد نواز شريف آهي جيڪو پنهنجي ٽن نسلن جو جواب ڏئي رهيو آهي، قوم کي خبر آهي ته سندن وزيراعظم محمد نواز شريف ڏينهن رات ملڪ، عوام ۽ نوجوانن جي مستقبل جي ڳالهه ڪري ٿو. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته خان صاحب جنهن صوبي ۾ توهان جي حڪومت آهي اتان جي عوام توهان جو رستو ڏسي رهي آهي، خيبرپختونخواهه جا ماڻهو اسپتالن، اسڪولن ۽ ترقي کان محروم آهن ۽ توهان ۽ توهان جا نمائندا رڳو ڪوڙ ڳالهايو ٿا. هن چيو ته عادت کان مجبور اهي ماڻهو پنجاب ۾ خالي ڪرسين کي خطاب ڪري ڪنهن ٻئي کي نه پر پنهنجو پاڻ کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، عوام تنگ اچي چڪي آهي. هن چيو ته جي آءِ ٽي مان اميد آهي ته اها پاڪستان جي قانون ۽ آئين موجب ڪارروائي ڪندي ۽ ٿي به رهي آهي، اعليٰ عدليه پڻ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اڳ ۾ به پي ٽي آءِ قانون ۽ آئين موجب ڏنل اعليٰ عدليه جي فيصلي جي غلط تشريح ڪئي آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته جي آءِ ٽي جي جاچ کانپوءِ به پاناما ليڪس ڪيس تي فيصلو آئين ۽ قانون موجب هوندو. اي پي پي/ع – ک 21:38