وزيراعظم جي دانشمنداڻي پاليسين سبب دهشتگردي تي تمام گهڻي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي: مريم اورنگزيب

وزيراعظم جي دانشمنداڻي پاليسين سبب دهشتگردي تي تمام گهڻي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 22مئ2017ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي دانشمنداڻي پاليسين سبب دهشتگردي تي تمام گهڻي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي، امن امان جي بهتر صورتحال سان پاڪستان ۾ قومي، مقامي ۽ عالمي سياحت ۾ به تمام گهڻي حد تائين اضافو ٿيو آهي، زندگي جو هر شعبو بحالي جي راهه تي گامزن آهي، پائيدار ترقي جي هدفن (ايس ڊي جيز) تي پارليامينٽري ٽاسڪ فورس اوورسائيٽ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پائيدار ترقي جي هدفن (ايس ڊي جيز) ۽ ويزن 2025ع جي لاءِ پي ٽي وي تي خصوصي آگاهي پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، ماحولياتي ۽ حياتياتي سياحت جو فروغ جي ڊي پي ۾ اضافي جو سبب بڻجي ٿو، وزيراعظم نواز شريف سياحت جي فروغ لاءِ خاص دلچسپي رکي ٿو، ڪورل ريف جا پاڪستان ۾ 61 جزيرا موجود آهن. هو ڪالهه سومر ڏينهن اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ موسمياتي تبديلين واري وزارت ۽ آءِ يو سي اين پاڪستان جي حصيداري سان حياتياتي تنوع جي مختلف رخن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي حياتياتي تنوع جي مختلف رخن ۽ پائيدار سياحت جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهي هئي. موسمياتي تبديلي واري وزارت ۾ ڊائريڪٽر حياتياتي تنوع نديم اشرف راجا، آءِ يو سي اين جي محمود اختر چيما، آءِ يو سي اين جي گلوبل وائيس پريزيڊنٽ سيد رضوان محبوب، اسلام آباد وائيلڊ لائيف مئنيجمينٽ بورڊ جي چيئرمين انيس الرحمان کانسواءِ حياتياتي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جا نمائندا پڻ تقريب ۾ شريڪ هئا. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته موجوده حڪومت حياتياتي تنوع بابت مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، ماحولياتي تبديلي بابت وزارت تحت گلگت بلتستان ۾ پڻ ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ماحولياتي تنوع ۽ سياحت جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو آهي، گذريل 35 سالن ۾ دهشتگردي سبب سياحت جو هر شعبو بري طرح متاثر ٿيو پر گذريل 4 سالن ۾ دهشتگردي ۾ گهٽتائي سبب سياحت کي فروغ مليو جنهن جي ڪري پاڪستان ۾ سياحت، راندين ۽ ٻين سرگرمين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته راندين ۽ سياحت جو قدرتي ماحول سان پڻ گهرو لاڳاپو آهي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته موجوده حڪومت جي اچڻ کانپوءِ سياحت ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، پاڪستان ۾ سمورين موسمن جي ڪري ٻيلن جا پڻ ڪيترائي قسم موجود آهن. هن چيو ته حياتياتي تنوع ۽ سياحت تي مختلف قسم جون ڊاڪيومينٽريز تيار ڪيون ويون آهن جن سان نئين نسل کي آگاهي ملي رهي آهي، ان سلسلي ۾ ڪم وڌيڪ تيز ڪرڻ گهرجي ان لاءِ پي ٽي وي سان پڻ جوائنٽ وينچر ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته هلندڙ سال کي سياحت جي سال طور ملهايو پيو وڃي، ريڊيو ۽ ٽي وي تي سياحت بابت پروگرام نشر ڪيا پيا وڃن، ان جو مقصد ايندڙ نسلن جي لاءِ پاڪستاني ثقافت ۽ تاريخي ورثي کي محفوظ بڻائڻو پوندو. هن چيو ته نوجوان شاگرد پنهنجي صلاحيتن کي ان شعبي ۾ پڻ استعمال ڪري سگهن ٿا. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ سياحت جو شعبو صوبن وٽ آهي، صوبا سياحت جي فروغ لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ماحولياتي تنوع ۾ تحقيق جي لاءِ پارليامينٽ جو پڻ اهم ڪردار آهي، پارليامينٽ ۾ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ماحولياتي تنوع ۽ سياحت جي شعبي ۾ انساني وسيلن جو هجڻ لازمي آهي. هن چيو ته سرڪاري ميڊيا ان ڏس ۾ ڀرپور آگاهي مهم هلائي رهي آهي جڏهن ته نجي ميڊيا روزانو پنهنجي نشريات جو 10 سيڪڙو سماجي پيغام نشر ڪرڻ جي پابند آهي. هن چيو ته ايڪو سسٽم ۽ سياحت جو گهرو لاڳاپو آهي، پاڪستان ۾ سياحت جو شعبو ٻيهر اڀري رهيو آهي، سياحت وڌڻ سان ملڪ ۾ معاشي سرگرميون پڻ وڌنديون. هن آڇ ڪئي ته حياتياتي تنوع جي حوالي سان ڪم ڪندڙ ادارا پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان تي حياتياتي تنوع بابت آگاهي پروگرام هلائي سگهن ٿا. اي پي پي/ع – ک 21:17