وزيراعظم محمد نواز شريف جي مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان خيالن جي ڏي وٺ

وزيراعظم محمد نواز شريف جي مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان خيالن جي ڏي وٺ

رياض / اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 22مئ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت کي ساراهيو آهي جنهن پنهنجي پهرين غيرملڪي سرگرمي جي طور تي سعودي عرب ۾ منعقد آمريڪا اسلامي عرب سربراهه ڪانفرنس جي چونڊ ڪئي، آمريڪي صدر جو اهو قدم تمام اهميت وارو آهي. پهرين آمريڪا اسلامي عرب ڪانفرنس جي موقعي تي سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ٻين اسلامي ۽ عرب ملڪن جي اڳواڻن سان ڳالهائيندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته فرنٽ لائن رياست جي طور تي پاڪستان دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. ڪانفرنس جو حصو بڻجڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي هن چيو ته انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ پهرين آمريڪا اسلامي عرب سربراهه ڪانفرنس جي لاءِ سعودي عرب جي چونڊ تحسين جوڳي آهي. هن چيو ته وڌندڙ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي وقت جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي جيڪو اڄ جي دنيا کي درپيش آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي حملن ۾ هزارين پاڪستاني شهري ۽ هزارين سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن جڏهن ته معاشي طور تي اربين رپين جو نقصان ٿيو آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته ڪيترن ئي ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۾ نئين اڀرندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا، اسان دهشتگردي جو حوصلي ۽ جوانمردي سان مقابلو ڪيو، وڏي پئماني تي جسماني ۽ مالي نقصانن اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. هن چيو ته حڪومتي قدمن، قومي مفاد وارن معاملن تي سياسي اتفاق راءِ ۽ هٿياربند فوج جي منظم آپريشنن جي ڪري دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿي. هن وقت دهشتگردي جي واقعن جي شرح ڏهاڪي جي سڀ کان گهٽ شرح آهي. سعودي شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کانسواءِ وزيراعظم محمد نواز شريف قطر جي امير، بحرين جي بادشاهه، آذربائيجان جي صدر، ملائيشيا جي وزيراعظم ۽ ٻين عالمي اڳواڻن سان پڻ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪانفرنس ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف سميت ڪيترن ئي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي حڪومتي ۽ رياستي سربراهن کانسواءِ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پڻ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي صدارت ۾ ٿي. سربراهه ڪانفرنس ۾ فرقيواريت جي سخت مذمت سان گڏوگڏ ان لعنت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. اي پي پي/ع – ک 22:02