پيپلزپارٽي پاران ڪلڀوشن ياديو ڪيس بابت التوا واري رٿ سينيٽ ۾ جمع

پيپلزپارٽي پاران ڪلڀوشن ياديو ڪيس بابت التوا واري رٿ سينيٽ ۾ جمع

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 22مئ2017ء) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر سحر ڪامران انصاف واري عالمي عدالت ۾ ڪلڀوشن ياديو ڪيس بابت التوا واري رٿ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. التوا واري رٿ ۾ چيو ويو آهي ته ڪلڀوشن ياديو کي پاڪستاني عدالت مان موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، انصاف جي عالمي عدالت ۾ ان معاملي جي ٻڌڻي جو اسان جي قومي سلامتي سان تعلق آهي انهي ڪري ان تي ايوان ۾ بحث ڪرڻ گهرجي.