سينيٽ چيئرمين پاران عبدالرحيم مندوخيل جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

سينيٽ چيئرمين پاران عبدالرحيم مندوخيل جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 20مئ2017ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني موجوده ايم اين اي ۽ اڳوڻي سينيٽر عبدالرحيم مندوخيل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. هن پونئيرن سان تعزيت ڪندي الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي جي دعا ڪئي آهي. هن چيو ته جمهوريت جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. سينيٽ جي دپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري، سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا محمد ظفرالحق، مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن پڻ مرحوم جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي سندس پونئيرن سان دلي تعزيت ڪئي آهي۔