عمران خان جي مقدر ۾ رستن تي رُلڻ لکيل آهي: ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي

عمران خان جي مقدر ۾ رستن تي رُلڻ لکيل آهي: ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 19مئ2017ء) وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي چيو آهي ته عمران خان جي مقدر ۾ رستن تي رُلڻ لکيل آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ عمران خان جي تقرير تي ردعمل جو اظهار ڪندي هن چيو ته عمران خان جي اڄ جي تقرير ماسي مصيبتي جي تقرير لڳي، هن ڪا نئين ڳالهه نه ڪئي. ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي چيو ته وزيراعظم نواز شريف ون بيلٽ ون روڊ ذريعي پاڪستان کي ترقي جي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ چاهي ٿو.