پاڪستان جو شمار هاڻي تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشتن ۾ ٿئي ٿو، اقتصادي انگن ۾ نمايان بهتري جو اعتراف عالمي مالياتي ادارا ڪري رهيا آهن: وزيراعظم محمد نواز شريف

پاڪستان جو شمار هاڻي تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشتن ۾ ٿئي ٿو، اقتصادي انگن ۾ نمايان بهتري جو اعتراف عالمي مالياتي ادارا ڪري رهيا آهن: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 19مئ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي اقتصادي انگ اکرن ۾ نمايان بهتري آئي آهي، جنهن جو اعتراف عالمي مالياتي ريٽنگ ادارا به ڪري رهيا آهن، پاڪستان جو شمار هاڻي تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشتن ۾ ٿئي ٿو، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ملڪ جي ترقي لاءِ هم آهنگي سان ڪم ڪري رهيون آهن، سي پيڪ جي منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي، ترقي جو عمل سياست جي نذر نه ٿيڻ گهرجي، پاڪستان جي خوشحالي هر هڪ جي ترجيح آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار جمعي ڏينهن قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم، ڪي پي ڪي جو گورنر، سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جا وڏا وزير، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن سميت گلگت بلتستان جو وڏو وزير به موجود هو. وزيراعظم چيو ته 5.28 سيڪڙو جي واڌ ويجهه جي شرح واکاڻ جوڳي آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ملڪ جي ترقي جي لاءِ هم آهنگي سان ڪم ڪري رهيون آهن. هن ٻڌايو ته چين ۾ بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي دوران سمورا وڏا وزير ساڻس گڏ هئا ۽ دنيا ڏٺو ته ترقي جي لاءِ پاڪستان ۾ اتفاق راءِ آهي ۽ هي مثبت پيغام هو ته اسان متحد آهيون. وزيراعظم چيو ته اسان توانائي جي منصوبن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون نه رڳو بجلي جي فراهمي اسان جي اولين ترجيح آهي پر اسان صارفين جي لاءِ سستي بجلي فراهم ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته اسان ايل اين جي، ڪوئلي، هائيڊل، سولر ۽ هوا سميت توانائي جا مختلف ذريعا استعمال آڻڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، وزيراعظم چيو ته بنيادي ڍانچو ترقي لاءِ اهم آهي، اسان رستن ۽ مواصلاتي نيٽ ورڪ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، هن چيو ته ترقي کي سياست جي نذر نه ٿيڻ گهرجي، پاڪستان جي خوشحالي هر هڪ جي ترجيح آهي، ترقياتي منصوبابندي جي لاءِ عوام جي ڀلائي تي جامع حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي، وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت مالي سال 13 -2012ع جي مقابلي ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (18 -2017ع) ۾ صوبن جو حصو ٽي ڀيرا وڌيڪ وڌايو ويو آهي، هن چيو ته فاٽا، اي جي ڪي ۽ گلگت بلتستان وفاقي حڪومت جي لاءِ ٻين سمورن صوبن جي طرح ئي اهم آهن، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته صحت، تعليم ۽ ٻين سماجي شعبن جي ٻهراڙي ترقياتي منصوبن کي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي.