حڪومت عوام کي معياري ۽ سستي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: صدر ممنون حسين

حڪومت عوام کي معياري ۽ سستي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: صدر ممنون حسين

راولپنڊي (پاکستان نیوزپوائنٹ 18مئ2017ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام کي معياري ۽ سستي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ قومي صحت پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، طبي ماهرن ۽ ڊاڪٽرن کي گهرجي ته ماڻهن جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اها ڳالهه هن ڪالهه خميس ڏينهن آرمي ميڊيڪل ڪاليج جي ڪانووڪيشن 2017ع جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي ايجوٽينٽ جنرل ليفٽيننٽ جنرل انور علي حيدر، نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز جو وائيس چانسلر سيد محمد عمران مجيد ۽ سرجن جنرل ليفٽيننٽ جنرل آصف ممتاز سکيرا ۽ آرمي ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپل ميجر جنرل سليم احمد خان پڻ موجود هئا. صدر چيو ته ترقي پذير ملڪ جي حيثيت سان اسان جا وسيلا محدود آهن ۽ غربت، پسماندگي ۽ ڪجهه ٻين سماجي ۽ معاشي سببن جي ڪري علاج جي صورتحال تمام ڏکي آهي، ڪيترائي ماڻهو ان جي لاءِ موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا يا پنهنجي زندگي معذوري ۾ گذاري ڇڏين ٿا ڇو ته غربت ۽ ڊگهن فاصلن سبب علاج کان محروم رهن ٿا. اهڙي طرح جي صورتحال ۾ ڊاڪٽرن جي خداترسي ۽ فلاحي ادارن جو ڪردار اهم ٿي وڃي ٿو. صدر چيو ته پاڪستاني معاشرو ان معاملي ۾ تمام گهڻو خوشقسمت آهي پر طبي تعليمي ادارا ۽ اسان جا نوجوان ڊاڪٽر پنهنجي ٻين پيشيواراڻين ذميوارين جي ادائيگي سان گڏ علاج کي آسان ۽ سستو بڻائڻ جي لاءِ تحقيقي ڪوششون ڪن ته ان سان تمام گهڻا فائديمند نتيجا نڪرندا. صدر چيو ته نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز ۽ اهڙي قسم جا ٻيا قومي ادارا تحقيق تي ڌيان ڏئي خير جو هڪ نئون سلسلو شروع ڪري سگهن ٿا ته جيئن ڏکويل انسانيت جي خدمت جا جديد ۽ آسان طريقا ڳولي سگهجن. هن چيو ته ان سلسلي ۾ دنيا جي تجربن مان پڻ گهڻو ڪجهه سکي سگهجي ٿو. هن چيو ته دنيا جو هر پيشو انتهائي اهم، احترام جوڳو ۽ انسان جي معاشرتي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ لازمي آهي پر طب جي حيثيت منفرد آهي چو ته طب جي حيثيت ان کي زخمن تي مرحم رکندڙ امانتدار جي حيثيت عطا ڪري ڇڏي ٿو، توهان جي پيشي جي اها نوعيت طبيب کي معاشري ۾ نمايان ۽ اهم ترين مقام عطا ڪري ٿي جنهن تي پورو لهڻ ڊاڪٽرن جي اولين ذميواري هجڻ گهرجي. هن چيو ته آرمي ميڊيڪل ڪاليج سان واڳيل شاگردن مان ڪيترن ئي ماڻهن جو تعلق جيئن ته هٿياربند فوج سان آهي، ان لاءِ هن اداري مان فارغ ٿيندڙ ڊاڪٽرن جي ذميواري پنهنجي برادري جي ٻين ميمبرن جي مقابلي ۾ وڌيڪ وڌي وڃي ٿي. صدر فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مخاطب ٿيندي چيو ته مون کي يقين آهي ته تعليمي ۽ تربيتي مرحلن دوران توهان ان نازڪ ۽ حساس ذميوارين جي ادائگي لاءِ مڪمل طور تي تيار ٿي چڪا هوندا ۽ هن تقريب کانپوءِ جڏهن توهان پنهنجي ڪلينڪ ۾ ويهي ڪنهن ڏکويل مريض جي پيشاني تي هٿ رکندا ته هو توهان جي مسيحائي جي تاثير پنهنجي روح ۾ لهندو محسوس ڪندو. هن چيو ته اسان جي ذهنن ۾ طبيبن ۽ مسيحائن جو تصور به اهو آهي ۽ مسلمانن جي تاريخي روايت به اهو ٻڌائي ٿي. صدر چيو ته ڊاڪٽر ۽ طبي ماهر خلوص سان ماڻهن جي خدمت ڪن. هن چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته عورتون طب جي ميدان سميت ٻين شعبن ۾ به وڌي چڙهي حصو وٺي رهيون آهن. صدر وڌيڪ چيو ته عورتون آبادي جو اڌ آهن، ان لاءِ انهن کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ورڪ فورس جو حصو بڻجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته نوجوان مايوسي جو شڪار نه ٿين، ملڪ جو مستقبل روشن آهي. صدر چيو ته حڪومتي پاليسين جي ڪري ملڪ معاشي طور تي مستحڪم ٿي رهيو آهي ۽ واڌويجهه جي شرح 5.28 سيڪڙو ٿي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت آبادگارن جي زندگي جو معيار بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ قدم کنيا ويا آهن جن جي نتيجي ۾ ايگريڪلچرل واڌويجهه مستقل طور تي بهتر ٿي آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه نون امڪانن جو نالو آهي جنهن جو فائدو پاڪستان کي ئي نه پر پوري خطي کي ٿيندو. صدر چيو ته توانائي جي منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي. صدر چيو ته ملڪ ۾ طبي خدمتن جي تاريخ ۾ آرمي ميڊيڪل ڪاليج جون خدمتون تمام نمايان آهن. پاڪ فوج تازو ئي نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز پڻ قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن پنهنجي ڪارڪردگي سان مختصر عرصي ۾ پنهنجي بهتر سڃاڻپ ٺاهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته يونيورسٽي تمام گهٽ مدي ۾ انتهائي اهم ڪارناما سرانجام ڏيندي. ان موقعي تي نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز جي وائيس چانسلر ليفٽيننٽ جنرل عمران مجيد ۽ آرمي ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل ميجر جنرل سليم احمد خان پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس جي امتحانن ۾ نمايان پوزيشنون ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعريفي سرٽيفڪيٽس ۽ ميڊلز ڏنا ويا.