اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15مئ2017ء) پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته فاٽا کي جيڪڏهن ايترين مصيبتن کانپوءِ قومي ڌارا ۾ آندو پيو وڃي ته ان تي ڪنهن کي اعتراض نه هجڻ گهرجي، فاٽا سڌارن جي حوالي سان سرتاج عزيز جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي جي رپورٽ تفصيلي بحث کانپوءِ بل جو مسودو ايوان ۾ آندو ويو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ فاٽا جي حوالي سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته فاٽا سڌارن جي حوالي سان سرتاج عزيز جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ٿي، ڪميٽي جي رپورٽ تي ايوان ۾ تفصيلي بحث کانپوءِ بل جو مسودو آندو ويو آهي، فاٽا جي عوام جي واضح اڪثريت ان ۾ پنهنجي راءِ ڏني آهي، فاٽا کي جيڪڏهن ايترين مصيبتن کانپوءِ قومي ڌارا ۾ آندو پيو وڃي ته ان تي ڪنهن کي اعتراض نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته فاٽا سڌارن کي مخالف پاران نه حڪومت جا اتحادي رد ڪري رهيا آهن.
فاٽا کي جيڪڏهن ايترين مصيبتن کانپوءِ قومي ڌارا ۾ آندو پيو وڃي ته ان تي ڪنهن کي اعتراض نه هجڻ گهرجي: شاهه محمود قريشي
8 سال پھريان
