آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت ۾ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت ۾ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي (پاکستان نیوز پوائنٹ 09 اگست2016ء) هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف ڪمانڊرز ۽ انٽيليجنس ادارن کي دهشتگردن ۽ سليپرز سيل کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قوت سان ڪومبنگ آپريشن ۽ ٽارگيٽيڊ آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بهادر هٿياربند فوج ڪنهن کي دهشتگردي جي خلاف ڪاميابين جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهڻ نه ڏيندي. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ سمورن ڪور ڪمانڊرز ۽ پرنسپل اسٽاف آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن ڪوئيٽا سانحي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيندڙن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جاري فوجي آپريشن، ملڪ جي مجموعي اندروني ۽ ٻاهرئين سلامتي جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته ملڪ جي عدليه ۽ اسپتال تي ڪيل بزدلاڻي دهشتگردي جو حملو آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابين کي ڪمزور ڪرڻ جي هڪ ڪوشش آهي. هن زور ڀريو ته اسان جي بهادر هٿياربند فوج دهشتگردي جي خلاف ملندڙ ڪاميابين جي فائدن کي سبوتاز ٿيڻ نه ڏيندي. هن ڪمانڊرن ۽ انٽيليجنس ادارن کي هدايت ڪئي ته دهشتگردن ۽ سليپر سيل کي مڪمل طاقت سان ختم ڪرڻ جي لاءِ موثر ڪومبنگ آپريشن ۽ ٽارگيٽيڊ آپريشن تيز ڪن. آرمي چيف ڪمانڊرز کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ موثر ڪاررواين جي لاءِ صوبائي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تربيت، وسيلن ۽ منصوبابندي ذريعي انهن جي سگهه کي وڌائڻ جي لاءِ مڪمل مدد ڪئي وڃي.