پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائي دهشتگردي جي خلاف حڪمت عملي جوڙي وڃي: محمود خان اچڪزئي

پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائي دهشتگردي جي خلاف حڪمت عملي جوڙي وڃي: محمود خان اچڪزئي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09 اگست2016ء) پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائي دهشتگردي جي خلاف حڪمت عملي جوڙي وڃي، ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي ڪارروائي جمهوريت، عوام، وفاق ۽ خطي جي خلاف سازش آهي، وزيراعظم ان کي ٽيسٽ ڪيس بڻائي ۽ فرنٽ فوٽ تي وڃي اهڙن ملڪ دشمن عنصرن خلاف ڪارروائي ڪري. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي واقعي تي بحث ۾ حصو وٺندي محمود خان اچڪزئي واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ جڏهن اهڙو واقعو ٿئي ٿو ته ان کي پوري آمريڪا تي حملو تصور ڪيو وڃي ٿو، فوري طور تي اهي جاچ ڪري حملي آورن جي نشاندهي ڪري ڪارروائي ڪن ٿا. هن چيو ته ڪوئيٽا 12 گهٽين جو شهر آهي جتي هر گهٽيءَ ۽ چوڪ ۾ سيڪيورٽي ادارن جا اهلڪار موجود آهن، جيڪڏهن اسان کي دهشتگردي جي خلاف اها جنگ کٽڻي آهي ته سمورن سماج دشمن عنصرن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي. ملڪ جي هر سياسي پارٽي حڪومت جي سپاهي جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان سڀ کان پهرين آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائي حڪمت عملي جوڙي وڃي، اهڙيون ڪارروايون جمهوريت، عوام، وفاق ۽ خطي جي خلاف سازش آهن. وزيراعظم ان کي ٽيسٽ ڪيس بڻائي ۽ فرنٽ فٽ تي وڃي اهڙن ملڪ دشمن عنصرن جي خلاف ڪارروائي ڪري. عوام جي حمايت کانسواءِ دهشتگرديجي خلاف جنگ نه ٿي کٽي سگهجي. هن چيو ته پارليامينٽ جو وفد تعزيت جي اظهار لاءِ ڪوئيٽا موڪليو وڃي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 16:30