ڪوئيٽا سانحو اسان جون اکيون کولڻ لاءِ وڏو واقعو آهي: مولانا فضل الرحمان

ڪوئيٽا سانحو اسان جون اکيون کولڻ لاءِ وڏو واقعو آهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09 اگست2016ء) جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪوئيٽا سانحو اسان جون اکيون کولڻ لاءِ وڏو واقعو آهي، ذميدارن جو تعين هر صورت ۾ ڪرڻو پوندو، اڱاري ڏينهن پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪنهن به دهشتگردي جي واقعي کانپوءِ الزام ”را“ تي اچي ويندو آهي، پر سوال اهو آهي ته ان جو رستو ڪير روڪيندو، قومي اسيمبلي ۾ محمود خان اچڪزئي جي بيان جي باري ۾ سوال تي مولانا فضل الرحمان چيو ته رڳو بيان ڏيڻ جي بنياد تي اسان ذميداري مان آجا نٿا ٿي سگهون، ڪوئيٽا ۾ وڏو واقعو ٿيو آهي حڪومت جو ڪم آهي ته سڀني کي ويهاري ذميدارن جو تعين ڪري، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته دهشتگردي هڪ وڏو چئلينج آهي، حڪومت ٺوس حڪمت عملي واضح ڪري ۽ سيڪيورٽي جي باري ۾ خامين جي نشاندهي ڪري ۽ ان کي ختم ڪرڻ لاءِ لائحه عمل جوڙي.