انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙادارن صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جي وچ موثر تعاون جي ضرورت آهي:وزيراعظم محمد نواز شريف

انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙادارن صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جي وچ موثر تعاون جي ضرورت آهي:وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09 اگست2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف ڀرپور نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جي وچ موثر تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ گهرو سلامتي جي صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ اندروني سلامتي جي صورتحال، نيشنل ايڪشن پلان جي مختلف رخن تي تفصيلي غور ڪيو ويو، گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعهوزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ڪهڙي طرح دهشتگرد تنظيمون آسان هدفن تي حملو ڪري رهيون آهن، اجلاس ۾ نوٽ ڪيو ويو ته فاٽا ۾ ضرب عضب جي ڪامياب نتيجن کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ دهشتگردن مايوسي جي عالم ۾ هاڻي پنهنجا هدف رياستي ادارن کان ٻي طرف منتقل ڪري ورتا آهن، وزيراعظم چيو ته اسان هڪ نظريي جيڪو اسان جي زندگي کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو جي خلاف حالت جنگ ۾ آهيون. هن چيو ته حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سڀئي ضروري قدم کڻندي ته ڪوئيٽا سانحي ۾ وهايل رت ضايع نه وڃي، هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏوگڏ صوبائي حڪومتن ۽ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ موثر رابطن جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن ٿوري وقت ۾ وڌ کان وڌ نتيجا حاصل ٿين. وزيراعظم پاڪستان کي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کان محفوظ بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ملڪ صحيح رخ ۾ گامزن آهي ۽ هر شهري کي هڪ محفوظ، مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان جي فائدن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي قابل بڻايو ويندو. هن چيو ته دهشتگرد سمجهن ٿا ته قوم ۾ انتشار ۽ نفرتن جو ٻج پوکي سگهون ٿا پر پوري قوم پاڪستاني معاشري مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ متحد ۽ حڪومت جي حمايت ڪري ٿي، وزيراعظم سڀاڻي قومي لائحه عمل جي باري ۾ تفصيلي غور لاءِ وسيع تر اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو، اجلاس ۾ ناڻي وارو وزير سينيٽر اسحاق ڊار، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي ۽ ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي.