اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09 اگست2016ء) قومي اسيمبلي ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي واقعي خلاف مذمتي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ دهشتگردن جي خلاف سختي سان منهن ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي، اڱاري ڏينهن وفاقي وزير زاهد حامد قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جو واقعو ۽ بلوچستان بار ڪائونسل جي صدر جي قتل تي سڄي قوم ڏک ۾ ورتل آهي، قرارداد ۾ مارجي ويلن جي خاندانن سان همدردي جو اظهار ۽ تعزيت، جڏهن ته زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي وئي آهي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ڏک جي هن گهڙي ۾ هي ايوان بلوچستان جي عوام، وڪيل برادري، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ ميڊيا جي نمائندن سان گڏ آهي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان اهڙن ناپاڪ مقصدن جي حامل عنصرن کي شڪست ڏيڻ ۽ دهشتگردن کي سختي سان منهن ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪري ٿو. ان قسم جي ناپاڪ قدم دهشتگردي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته اهڙن قدمن سان ملڪ جي حفاظت جي اسان جي عزم کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۾ مدد ملندي، اسپيڪر قراردادايوان ۾ پيش ڪئي جنهن کي متفقه طور تي منظور ڪيو ويو.
قومي اسيمبلي پاران ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي واقعي خلاف قرارداد متفقه طورتي منظور
8 سال پھريان