قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پارليامينٽرين کي غدار چوڻ جي حوالي سان پيمرا کي نوٽيس وٺڻ جي هدايت

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پارليامينٽرين کي غدار چوڻ جي حوالي سان پيمرا کي نوٽيس وٺڻ جي هدايت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09 اگست2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پارليامينٽ جي سينئر ميمبرن کي غدار چوڻ جي حوالي سان پيمرا کي نوٽيس وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران هائوسنگ واري وزير اڪرم دراني چيو ته ڪجهه ٽي وي چئنلز جي پروگرامن ۾ هڪ تجزياڪار محمود خان اچڪزئي، مولانا فضل الرحمان ۽ عاصمه جهانگير کي غدار چيو آهي، اسپيڪر ان پروگرام جي رپورٽ گهرائي جيڪڏهن تجزياڪار وٽ انهن ماڻهن جي غداري جي حوالي سان ثبوت آهن ته سامهون آڻي، ان جي جواب ۾ اسپيڪر چيو ته جن اينڪرن ۽ تجزياڪارن اهم شخصيتن تي الزام لڳايا آهن اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير پيمرا کي چوي ته ان جو نوٽيس وٺي.