ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي: امجد علي خان

ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي: امجد علي خان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09 اگست2016ء) پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر امجد علي خان چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، انهن واقعن جي روڪٿام لاءِ فيصلن ۾ عوام کي شامل ڪرڻ گهرجي، اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪوئيٽا سانحي تي بحث جو آغاز ڪندي پي ٽي آءِ جي ميمبر امجد علي خان چيو ته ڪوئيٽا واقعو انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ فيصلن ۾ جيستائين عوام کي شامل نه ڪنداسين اسان لاش کڻندا رهنداسين. جڏهن ته جي يو آءِ (ف) جي قومي اسيمبلي ميمبر مولانا گوهر شاهه چيو ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي تربيت يقيني بڻائي وڃي ۽ ان کي جديد اوزار فراهم ڪيا وڃن، پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت ڌرڻن بدران عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ تي ڌيان ڏي. مولانا گوهر شاهه واقعي جي مذمت ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي جي ميمبر ميان عبدالمنان چيو ته دهشتگردي جي خلاف هڪ گڏيل لائحه عمل ۽ طريقيڪار واضح ڪرڻ گهرجي، قومي اسيمبلي جو هڪ وفد ڪوئيٽا وڃي متاثر خاندانن سان يڪجهتيجو اظهار ڪري، ميان عبدالمنان ڪوئيٽا واقعي جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته سياسي پارٽين کي قوم جي ڏک ۾ شامل ٿي دهشتگردي خلاف هڪ گڏيل لائحه عمل ۽ طريقيڪار جوڙڻ گهرجي.