دهشتگرد جمهوريت جي ٿنڀن تي حملا ڪري رهيا آهن: وزيراعظم محمد نوازشريف

دهشتگرد جمهوريت جي ٿنڀن تي حملا ڪري رهيا آهن: وزيراعظم محمد نوازشريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09 اگست2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته دهشتگرد جمهوريت جي ٿنڀن تي حملا ڪري رهيا آهن تنهن هوندي به دهشتگردن جي خلاف پوري قوم جو عزم پڪو آهي، ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر حاجي غلاماحمد بلور سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته ڪوئيٽا ۾ دهشتگردن جي حملي مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته هو هر ان اداري سان نفرت ڪن ٿا جيڪي اسان جي سياست جو لازمي حصو آهي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي منحرف نظريي سان اسان جي رياست ۽ سماج کي نشانو بڻائڻ چاهين ٿا تنهن هوندي به دهشتگردن کي معلوم هجڻ گهرجي ته هڪ رياست ۽ هڪ حڪومت هجڻ جي ناطي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن ضرب عضب ۽ قومي ايڪشن پلان ناقابل واپسي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مضبوط، اقتصادي طور تي فعال ۽ سياسي طور تي مستحڪم ملڪ طور تي اڳتي وڌي رهيو آهي، ملاقات ۾ قومي اهميت جي معاملن ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.