اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 4مئ2017ء) سينيٽ جي ناڻي، اوڳاڙين ۽ معاشي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪمپنيز بل 2017ع ۾ اهم ترميمن ۽ تجويزن سان بل جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي ان بل جي منظوري پهرين ئي ڏئي چڪي آهي، ڪمپنيز بل 2017ع لاڳو ٿيڻ کانپوءِ ڪمپنيز آرڊيننس 1984ع جي جڳهه والاريندو. ان سلسلي ۾ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جا 9 اجلاس ٿيا جن ۾ بل جي مسودي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ ڪميٽي اهم ترميمون تجويز ڪيون، ڪميٽي طرفان تجويز ڪيل ترميمون معذور ماڻهن جي حقن کي يقيني بڻائڻ، عورتن کي وڌ کان وڌ حق ڏيڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ کي آسان بڻائڻ بابت هيون، ڪميٽي جي منظوري کانپوءِ بل جو مسودو منظوري جي لاءِ سينيٽ آف پاڪستان ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪميٽي طرفان تجويز ڪيل نمايان ترميمن ۾ نئين ڪمپنيز قانون موجب عوامي مفادن جي ڪمپنين جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ گهٽ کان گهٽ هڪ عورت ميمبر جي لازمي شموليت جي لاءِ شق شامل ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ ڪمپنين جي گوشوارن کي جمع ڪرائڻ ۽ ڪمپنين ۾ ميمورنڊم آف ايسوسيئيشن ۾ تبديلي جي طريقيڪار کي آسان بڻايو ويو آهي ۽ عدالت جي ذريعي ڪمپنين کي بند ڪرڻ جي عمل ۾ به مناسب تبديليون ڪيون ويون آهن. هر هڪ عوامي مفادن جي ڪمنپي جنهن ۾ 50 يا ان کان وڌيڪ ملازم هجن جي لاءِ لازمي هوندو ته هو پنهنجي اداري ۾ ٻه سيڪڙو ملازمتون معذورن کي ڏين. ڪمپنيز بل 2017ع پراڻي آرڊيننس جي جڳهه والاريندو جڏهن ته ان ڪمپنين بابت سمورن قانونن کي مستحڪم ڪيو ويو آهي ۽ عالمي معيار موجب ان طريقي سان ترتيب ڏنو ويو آهي جيڪو ملڪ ۾ ڪارپوٽائيزيشن جي فروغ ۾ مددگار هجي، نئين قانون ۾ ڪمپنين جي داخلا جي طريقيڪار کي آسان بڻايو ويو آهي جديد ٽيڪنالاجي جي وڌ کان وڌ استعمال جي حوصلا افزائي ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪاغذ جي گهٽ کان گهٽ استعمال کي ترجيح ڏني وئي آهي ۽ سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيز کي وڌ کان وڌ سهولتون ڏنيون ويون آهن، نئون قانون ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ڪرڻ کي آسان بڻائڻ جي ذريعي معاشي واڌ ويجهه ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر جي فروغ جو سبب بڻجندو. ان قانون ۾ سيڙپڪارن جي مفادن کي بهترين تحفظ فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا آهن۔
سينيٽ جي ناڻي، اوڳاڙين ۽ معاشي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس
8 سال پھريان
