وزيراعظم سان سريلنڪن آرمي جي ڪمانڊر جي ملاقات

وزيراعظم سان سريلنڪن آرمي جي ڪمانڊر جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 3مئ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاع بابت تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه سريلنڪن آرمي جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل اي ڊبليو جي ڊيسلوا سان ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات دوران چئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا کي مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سريلنڪن فوج جي ڪمانڊر پاڪستان جي دوري دوران شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ملاقات دوران دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ قومي سلامتي وارو صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه پڻ موجود هئا.