آرمي چيف پاران بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪومبنگ آپريشن جوحڪم،

دهشتگردن خيبرپختونخواهه مان شڪست کانپوءِ بلوچستان جو رخ ڪيوآهي، اهي پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، سيڪيورٽي ادارا ڪنهن به حصي ۾ وڃن ۽ دهشتگردن جومڪمل خاتمو آڻين، دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا ۽ صلاحيتون استعمال ۾ آنديون وينديون: جنرل راحيل شريف

راولپنڊي (پاکستان نیوز پوائنٹ 08 اگست 2016ء) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪومبنگ آپريشن جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردن خيبرپختونخواهه مان شڪست کانپوءِ بلوچستان جو رخ ڪيو آهي، اهي پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، سيڪيورٽي ادارا ڪنهن به حصي ۾ وڃن ۽ دهشتگردن جو مڪمل خاتمو آڻين، دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا ۽ صلاحيتون استعمال ۾ آنديون وينديون. هو ڪالهه سومر ڏينهن ڪوئيٽا ۾ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. آءِ ايس پي آر موجب اجلاس ۾ بلوچستان جو وڏو وزير ثناءُ الله زهري، بلوچستان جو چيف سيڪريٽري، ڪمانڊر سدر ڪمانڊ پڻ اجلاس ۾ موجود هئا. آرمي چيف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن کي شڪست ڏني آهي، هاڻي دهشتگردن بلوچستان جو رخ ڪيو آهي. هن چيو ته بلوچستان جي سيڪيورٽي کي ڪمزور ڪرڻ خاص طور تي پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ان کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پاڪ فوج سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندي. آرمي چيف بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪومبنگ آپريشن شروع ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪنهن به حصي ۾ وڃن ۽ دهشتگردن ۽ انهن جي ڳجهن ٺڪاڻن کي تباهه ڪن. اي پي پي/ش – چ/ع – ک 21:30